22 پیر , اکتوبر 2018

تمام گهڻي ننڊ ڪرڻ واري عادت وقت کان اڳ موت جو سبب بڻجي ٿي: تحقيق

The hottest sleeping habit causes death before time: researchڪراچي(ويب ڊيسڪ) جيڪي ماڻهو روزاني 9 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، انهن ۾ ننڊ جي گهٽتائي جي شڪار ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وقت کان اڳ موت جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. اها ڳالهه برطانيا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. آمريڪي ميگزين آمريڪن هارٽ ايسوسي ايشن ۾ شائع ٿيل رپورٽ موجبمانچسٽر ۽ ليڊز سميت 4 يونيورسٽين جي گڏيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو سڄي رات 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، انهن ۾ وقت کان اڳ موت جو خطرو 7 ڪلاڪن کان گهٽ ننڊ ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي. ان تحقيق دوران سڄي دنيا جي 33 لک کان وڌيڪ ماڻهن جو جائزو وٺڻ بعد اهو نتيجو ڪڍيو ويو ته تمام گهڻي ننڊ ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ دل جي بيماري ۽ فالج جي خطري کي وڌائڻ واري خطرناڪ عادت آهي. تحقيقدانن جو چوڻ آهي واڌو ننڊ کي حقيقت ۾ خراب صحت جي نشاني سمجهو ويندو آهي.  تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي تمام گهڻي ننڊ ڪرڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته ماڻهن وٽ ورزش لاءِ تمام گهٽ وقت هوندو آهي، جنهن سان دل جي بيماري جو خطرو وڌندو آهي. محققن جو چوڻ آهي ته حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو گهڻي دير تائين ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن  اهي پهريان ئي دل جي  بيماري جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي هوندي. هنن ٻڌايو ته  گهڻي ننڊ ڪرڻ جسم اندر مختلف بيماريون جهڙوڪ رت جي کوٽ، ورم سان لاڳاپيل بيمارين جو سبب بڻجندو آهي جنهن سان رت جي شريانين سان جڙيل بيمارين جهڙوڪ دل جو دورو ۽ فالج وغيرا جو خطرو وڌندو آهي. هنن مشورو ڏنو آهي ته ڊاڪٽرن کي اهڙن مريضن جي ٽيسٽ ضرور ڪرڻ گهرجي جيڪي هر رات 9 کان 10 ڪلاڪن تائين ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

International experts identify 31 mysterious and cure diseases

بين الاقوامي ماهرن 31 پر اسرار ۽ لاعلاج بيمارين جو حل ڪڍي ورتو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) سموري طبي ترقي باوجود هاڻي به ترقي يافته ملڪن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے