15 جمعرات , نومبر 2018

پروفيسر حفيظ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ”بي“ ڪيٽگري ڏيڻ تي بورڊ تي ڏمريل، صحيح نه ڪندو

Professor Hafiz will not be valid, correct on the board to "b" type in the Central Contractoryڪراچي(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ آل رائونڊر محمد حفيظ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي رويي مان خوش ناهي ، هن سيٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ ”بي“ ڪٽيگري ڏيڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. محمد حفيظ جي ويجهن ذريعن موجب ٽيسٽ آل رائونڊر ان صورحال ۾ ڪافي دلشڪستو ٿي ويو آهي ۽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ تي سنجيدگي سان سوچ ويچار ڪري رهيو آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ 333 عالمي ميچون کيڏندڙ محمد حفيظ جي تمام ويجهن ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته ”مسٽر پروفيسر“ جي نالي مشهور محمد حفيظ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيِح نه ڪندو. محمد حفيظ جو موقف آهي ته هو پيسن لاءِ نه پر ملڪ لاءِ اعزاز سمجهي خدمتون انجام ڏيندو آهي، پر ويجهڙائي ۾ کيس بنا جواز جي نظر انداز ڪرڻ واري پاليسي سمجهه کان ٻاهر آهي.  گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو، جنهن موجب تجربيڪار آل رائونڊر محمد حفيظ جي اي کان بي ڪيٽيگري ۾ تنزلي ٿي هئي.نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ فهيم اشرف، اسد شفيق، حسن علي، فخر زمان، ۽ شاداب خان جو نالو به ”بي“ ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے