14 بدھ , نومبر 2018

ڪشمور: ليڊي ٽيچرز کي ڇهن ميهنن کان پگهارون نه مليون

kashmore: The Leading Teachers did not get about six million poundsڪشمور(ويب ڊيسڪ)ڪشمور ۾ اڍائي سالن کان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن  جي سهڪار سان هلندڙ پاڪستان پبلڪ اسڪول ۾ ليڊي ٽيچرز کي ڇهن ميهنن کان پگهارون نه ملڻ سبب 9 ليڊي ٽيچرز  نوڪري ڇڏي ويون.اسڪول ۾ استادن جي کوٽ سبب 4 سئو 18 ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي.شهرين ٻڌايو ته ليڊي ٽيچرز پگهارون نه ملڻ سبب اسڪول ڇڏي چڪيون آهن جڏهن ته کانئن اسڪول انتظاميا 5 سئو روپيا  هڪ ٻار جي في  گهري رهي آهي.ٻئي طرف والدين جو چوڻ آهي ته هو مسڪين ماڻهو آهن ان ڪري هو فيس نٿا ڏئي سگهن.شهرين مطالبو ڪيو ته ليڊي ٽيچرز ۽ ٻئي عملي کي پگهارون جاري ڪري اسڪول جا مسئلا حل ڪيا وڃن ته جئين ٻار علم پرائي سگهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڪوهيڙوڇانيل، مٿانهن علائقن ۾ برسات ۽ برفباري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڪوهيڙو ڇانيل آهي جنهن سبب ٿڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے