19 پیر , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊوالهيار: مفت درسي ڪتاب نه ملڻ سبب سوين شاگردن جي تعليم متاثر

Tandoallahyar: Due to not meeting a free textbook, influenced the students' education*-ٽنڊوالهيار جي تعلقي جهنڊي مري ۾ ٽِن اسڪولن کي درسي ڪتاب نه ملي سگهيا.

مشائخ هوتي ، صادق ميمڻ  ۽ الله جڙيو مگسي مڊل اسڪولن  ۾هن وقت تائين ڪتاب نه ملڻ سبب ٽنهي اسڪولن جا ساڍا 7 سئو ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي.

مليل ڄاڻ موجب  مڊل اسڪول صادق ميمڻ ۾3 سئو شاگر ، مڊل اسڪول الله جڙيو ۾ ڏيڍ سئو ۽ مڊل اسڪول مشائخ هوتي ۾ 3سئو شاگرد داخل آهن، جيڪي ڪتاب نه ملڻ سبب خالي ڊيسڪن تي ويهي واپس وڃڻ لڳا.

شاگردن جي والدين جو چوڻ هو ته مفت درسي ڪتاب ڏيڻ واري مامري کي ٽنڊوالهيار انتظاميه لئي مٽ ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ڪافي وقت گذرڻ بعد به اڃان تائين اسڪول ۾ ڪتاب  نه ورهايا ويا آهن، جنهن سندن ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي.

ٻارڙن جي والدين تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته ترت ڪتابن جي ورهاست ڪري ٻارڙن جي تعليم بچائين.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي تعلقي جهنڊو مري جي ويئر هائوس جي انچارج عمر خانزاده ٻڌايو ته سنڌ ٽيڪس بڪ بورڊ طرفان مليل ڪتاب ورهايا ويا آهن، باقي رهيل ٽن مڊل اسڪولن جا ڪتاب نه ملي سگهيا آهن.

هن چيو ته هنن ڪيترائي ڀيرا لکت ۾ مٿئين اختيارين کي ڪتاب اماڻڻ جو چيو آهي، ڪتاب ملڻ تي اسڪولن ۾ ڏنا ويندا……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے