19 پیر , نومبر 2018

العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست منظور

Tando Hyder: The goal behind participating in elections is to remove corrupt mafia from country: Naheed Khanاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي العزيزيا اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي منتقلي جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اڳوڻي وزيراعظم طرفان داخل ڪيل درخواست تي فيصلو ٻڌايو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ پنهنجي فيصلي ۾ العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي دليل ڏيندي چيو ته خواجا حارث اڳ ٽنهي ريفرنسز ۾ گڏيل شاهدن جو بيان چاهي رهيو هو پر هو ٽنهي ريفرنسز ۾ گڏيل شاهدن کان جرح نه پئي ڪري سگهيو. سندس چوڻ هو ته وڪيل پراسيڪيوشن جي ڪيس کي پنهنجي بچاءُ چئي رهيو آهي پر اسان چئي رهيا آهيون ته اهو نيب جو ڪيس آهي ۽ انهن بچاءُ پيش ئي ناهي ڪيو. سردار مظفر عباسي چيو ته العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ جوابدارن جو 342 جو بيان رڪارڊ ٿيڻو آهي ۽ انهن وٽ موقعو آهي ته هو ٻين ريفرنسز ۾ پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجهه پيش ڪن. ان موقعي تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث به جوابي دليل ڏنا، ان دوران جسٽس گل حسن سان به سندس جملن جي ڏي وٺ ٿي. جسٽس ميان گل حسن، خواجا حارث کي چيو ته توهان اسان کي چارٽ ٺاهي ڏيو، جنهن سان ظاهر ٿئي ته ڪهڙا الزام گڏيل آهن ۽ اهو به ظاهر ٿئي ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ فيصلو اچي چڪو آهي. ان جي جواب ۾ خواجا حارث چيو ته قطري خط ٽنهي ريفرنسز جي گڏيل شاهدن مان هڪ آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن جج صاحب ريفرنسز جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا انتظامي بنيادن تي ڪيس ٻي عدالت منتقل ٿي سگهي ٿو؟ ڇا سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي هڪ کان ٻئي جج کي ڪيس منتقل ڪري سگهي ٿي؟ ان تي خواجا حارث جو چوڻ هو ته جيستائين جج ڪيس ٻڌڻ کان انڪار نه ڪري ڇڏي ان وقت تائين اهو ٻي عدالت منتقل نٿو ڪري سگهجي پر سپريم ڪورٽ کان ٻي هاءِ ڪورٽ ڪيس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي. ان موقعي تي عدالت پڇيو ته ڇا نيب چيئرمين وٽ ڪنهن ٻي عدالت کان احتساب عدالت کي ڪيس منتقل ڪرڻ جو اختيار آهي؟ جنهن تي خواجا حارث جواب ڏنو ته نيب چيئرمين وٽ اختيار ناهي ته اهو ڪنهن احتساب عدالت کان ڪيس منتقل ڪري سگهي پر احتساب عدالت کان ٻي احتساب عدالت ڪيس منتقلي جو اختيار سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ کي آهي. خواجا حارث جو چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وٽ به ڪيس منتقل ڪرڻ جو قانوني اختيار ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جو گڏيل امارتن جو دورو، شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي اردو ۾ ٽوئيٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن جي نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے