21 اتوار , اکتوبر 2018

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز مينهن، راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ چوماسيءَ جي برساتن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. راولپنڊي ۾ گذريل رات 206 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. وقفي وقفي سان پوندڙ مينهن سبب ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيٺاهين وارا علائقا ٻڏي ويا آهن. موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ اڄ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهندو. هوڏانهن ملڪ جي مختلف حصن ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل 12 ڪلاڪن دوران اسلام آباد ۾ 168 ملي ميٽر، مري ۾ 60 ملي ميٽر، جهلم ۾ 48 ۽ بالا ڪوٽ ۾ 80 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ڪوٽلي ۾ 102 ملي ميٽر، مظفر آباد ۾ 80 ۽ سيالڪوٽ ۾ 97 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب نالن ۾ چاڙهه ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به خدشو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے