14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج جو اعلان

Sindh Progressive Committee announces protest against water shortageحيدر آباد ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ هٿرادو ۽ حڪمرانن جي غير منصفاڻي ورڇ جو نتيجو آهي. پي ٽي آءِ  جي رٿيل فتح سان سرڪاري ادارن جي نجڪاري، مذهبي انتها پسندي ۽ 18هين ترميم خلاف سازشن کي هٿي ملندي.

سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي ڪنوينئر ۽ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر بخشل ٿَلهي جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ خالق جوڻيجي ۽ هاشم کوسي، عوامي جمهوري پارٽي جي ابرار قاضي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي سميت اي ڊبليو پي جي جاويد راڄپر شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ اڳواڻن چيو ته اڻ چونڊيل ادارا رياست جي اڇي ڪاري جا مالڪ هوندا تيسيتائين جمهوريت هڪ سياسي نظام نه پر رڳو نعرو ئي رهندي،  تازو ٿيل عام چونڊن ۾ فتح اسٽيبلشمينٽ، سرمايي ۽ طاقت جي ٿي آهي.

هنن چيو ته پي ٽي آءِ به نون ليگ ۽ پ پ وانگر اُن حڪمران طبقي جي پارٽي آهي جنهن ملڪ کي بحرانن ۾ وڌو آهي، حل ۽ تبديليءَ جون ڳالهيون رڳو  لفاظي آهن.

سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ فصلن کي نقصان پھتو آھي، خاص طور ساريالي ۽ ڦُٽين کي شديد نقصان پُهتو آهي، جنهن ڪري پورهيت پنهنجي ٻيجاري کي پٽي اڇلڻ تي مجبور ٿيا ويا آهن.

اڳواڻن لاهور ۾ مصور قطب رند جي قتل جي مذمت ڪندي واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ۽  سنڌ  اندر سياسي توڙي سماجي ڪارڪنن کي کنڀڻ واري تازي لهر کي سخت لفظن ۾ ننديو ۽ ڪميٽي جي  پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ دريا جي تباهي کي سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو قرار ڏيندي اڳواڻن 10 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سڏ  ڏنو……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : حيدرآباد: الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريلي

*حيدرآباد ۾  الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اولڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے