18 اتوار , نومبر 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ راڻا ثناءُ الله جي نااهلي لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي

We will make the government in Punjab: Rana Sanaullah claimsلاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اميدوار نثار جٽ جي راڻا ثناءُ الله جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي اين اي 106 فيصل آباد تان ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان روڪيو هو. ساڳي تڪ تان تحريڪ انصاف اميدوار ڊاڪٽر نثار درخواست ڪئي هئي ته راڻا ثناءُ الله اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي استقبال کي حج برابر قرار ڏنو هو. درخواست ۾ چيو ويو هو ته راڻا ثناءُ الله آئين جي آرٽيڪل 62، 63  جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تنهن ڪري کيس نااهل قرار ڏئي سندس قومي اسيمبلي ميمبر طور ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اميدوار جي درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے