17 ہفتہ , نومبر 2018

چيف جسٽس سول ايوي ايشن ۾ عارضي ڀرتين تان پابندي هٽائي ڇڏي

The order of the arrest of the PTI's newly elected MPA Nadim Abbas Bara by the Chief Justiceاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سول ايوي ايشن ۾ عارضي ڀرتين تان پابندي هٽائيندي چيو آهي ته پابندي حج آپريشن ۾ رنڊڪ نه اچڻ لاءِ هٽائي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جعلي ڊگرين تي پائيلٽن جي ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سول ايوي ايشن ۾ عارضي ڀرتين تي پابندي هٽائيندي چيو ته پابنديون حج آپريشن جي حد تائين عارضي ڀرتين تان هٽائي پئي وڃي. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته مستقل ڀرتين جي معاملي جو جائزو ڪابينا وٺندي، عارضي پابندي حج آپريشن ۾ رنڊڪ نه وهجڻ لاءِ هٽائي پئي وڃي، جڏهن ته جعلي ڊگرين جي حوالي سان جاچ رپورٽ پي آءِ اي جلد مڪمل ڪري. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن جا گهربل دستاويز ٻن ڏينهن ۾ آڊيٽر جنرل کي فراهم ڪيا وڃن، دستاويز فراهم ڪري حلفي بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پي آءِ اي يونين ڀرتين يا ڪرپشن جي جاچ ۾ مداخلت نه ڪري، مداخلت جي دانهن تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، جيڪي ڀرتيون ٿين، اهي ميرٽ تي هجن ۽ سبب به بيان ڪيا وڃن. ٻڌڻي دوران وڪيل نعيم بخاري ڪيس جي فيس ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے