13 منگل , نومبر 2018

عابد شير علي جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 108 ۾ ن ليگ اميدوار عابد شير علي جي ٻيهر ڳڻپ لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ن ليگ اڳواڻ عابد شير علي تحريڪ انصاف اميدوار فرخ حبيب جي ڪاميابي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کي فرخ حبيب جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم ڏنو هو. عابد شير علي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته چونڊ واري رات ڳڻپ وقت پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪيو ويو هو ۽ مخالف اميدوار کي کٽرائڻ لاءِ ڪوڙو فارم 45 ٺاهيو ويو. ن ليگ اڳواڻ عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ عدالتي فيصلي تائين فرخ حبيب جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو به حڪم ڏنو وڃي. لاهور هاءِ ڪورٽ اين اي 108 ۾ عابد شير علي طرفان ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے