16 جمعہ , نومبر 2018

پولنگ ڏينهن سسٽم ئي نه هليو، شايد چيف اليڪشن ڪمشنر ننڊ پيو هو: ثاقب نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته خبر ناهي اليڪشن ڪميشن ڪيئن هلي رهيو آهي، مان چيف اليڪشن ڪمشنر کي 3 ڀيرا ڪال ڪئي، جيڪا هن اٽينڊ ئي نه ڪئي، شايد هو سمهي رهيو هو. اها ڳالهه هن نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي حوالي سان هڪ درخواست جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چئي. سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي مخصوص سيٽ تي اميدوار عابدا راجا جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته چونڊ واري ڏينهن اليڪشن ڪميشن جو آر ٽي ايس هليو ئي نه، هاڻ اسان وٽ ڪيس ايندا، خبر ناهي اسان ڇا فيصلو ڪيون. سندس چوڻ هو ته چونڊ واري ڏينهن ڪجهه درست هلي رهيو هو ته اوچتو آر ٽي ايس خراب ٿي ويو، ان ڏينهن مان چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان سان 3 ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن منهنجي ڪال تي ڪو ريپلاءِ نه ڏنو، منهنجي خيال ۾ شايد هو سمهي رهيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے