16 جمعہ , نومبر 2018

رهيل پگهارون ڏيو: ڪراچي ۾ فيڪٽري ملازم عملي کي يرغمال بڻائي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ هڪ فيڪٽري جي ملازم پگهار نه ملڻ تي عملي کي يرغمال بڻائي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. سليم شهزاد نالي هڪ ملازم کي ڪمپني مالڪن طرفان ڪڍيو ويو ۽ رهتون نه ملڻ تي هن هٿيار جي زور تي مئنيجمينٽ کي يرغمال بڻائي ورتو. رپورٽن موجب جڏهن ملازم کي فيڪٽري مان ڪڍيو ويو ته هن انتظاميا اڳيان احتجاج به ڪيو ۽ پنهنجي رهتن جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو. رهيل پگهارون نه ملڻ تي ملازم هٿيار کڻي فيڪٽري ۾ داخل ٿيو ۽ هن آفيسرن کي يرغمال بڻائي ڌمڪي ڏين ته جيڪڏهن پگهار نه ملي ته پاڻ کي ساٿين سميت ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيندس. اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري فيڪٽري جو گهيرو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گڏاپ ٿاڻي جي واڌو نفري سان ڪمانڊوز ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي کي به طلب ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے