17 ہفتہ , نومبر 2018

تحريڪ انصاف جو نئون چونڊيل ايم پي اي نديم عباس بارا جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف جي نئين چونڊيل ايم پي اي نديم عباس بارا ۽ ٻين گرفتار جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. پوليس اهلڪارن تي تشدد ۽ هوائي فائرنگ ڪيس ۾ پاڻمرادو گرفتاري ڏيندڙ تحريڪ انصاف جي پي پي 161 تان چونڊيل پنجاب اسيمبلي ميمبر ۽ ٻين جوابدارن کي ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس طرفان عدالت ۾ فرانزڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن موجب جوابدارن وٽان ڪي هٿيار، ڏنڊا ۽ ٻين سامان هٿ نه آيو. جوابدارن جي وڪيلن طرفان عدالت ۾ دليل ڏنا ويا، جنهن کانپوءِ جج پوليس جي درخواست منظور ڪندي نديم عباس سميت ٻين گرفتار ڄڻن کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے