15 جمعرات , نومبر 2018

گڏيل قومن جي خاص نمائندي جي عمران خان سان ملاقات، گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان لاءِ خاص نمائندگي ملاقات ڪري ايندڙ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. يونائيٽيڊ نيشن ڊولپمينٽ پروگرام جي خاص نمائندي نيل بوهني بني گالا ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين سان ملاقات ڪئي ۽ هن عام چونڊن ۾ ڪاميابيءَ تي عمران خان کي مبارڪ ڏيڻ سان گڏوگڏ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران هن عمران خان کي گڏيل قومن طرفان جاري مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني ۽ ايندڙ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. يو اين ڊي پي نمائندي جو چوڻ هو ته اسان اڳوڻي ڪي پي حڪومت سان به گڏجي ڪم ڪيو هو ۽ هاڻ وفاق ۾ پڻ پي ٽي آءِ سان گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪي پي حڪومت کي عارضي خيما فراهم ڪيا هئا، پاڪستان مان ڪرپشن جي خاتمي ۽ قانوني بالادستي ۾ مدد لاءِ تيار آهيون. نيل بوهني موجب اسان پاڪستان ۾ تعليمي سڌارن ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ به ڪم ڪنداسين، فاٽا ۾ آبادڪاري جي حوالي سان مدد ۾ به دلچپسي رکون ٿا، گڊ گورننس ۾ بهتري خاطر ڀائيواري لاءِ به تيار آهيون. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته اسان به يو اين ڊي پي جو سهڪار چاهينداسين، غربت جي خاتمي ۽ قانون جي بالادستي ۾ مدد گهربل آهي، اسان کي پاڻي فراهمي ۽ فاٽا معاملي تي يو اين ڊي پي جي مدد گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عافيه صديقي جي معاملي تي آمريڪا سان رابطي ۾ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے