17 ہفتہ , نومبر 2018

سڊني: نيو ڪاسل يونيورسٽي جي پاڪستاني شاگرد تي نسل پرستن جو وحشياڻو تشدد

Sydney: Breeding tyranny violence on the Pakistani disciple of Newcastle Universityسڊني(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي نيوڪاسل يونيورسٽي ۾ پاڪستاني شاگرد تي نسل پرستن وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ کيس وطن واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو. 21 ورهين جي عبدالله قيصر انجينئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گذريل سال فيبروري ۾ نيو ڪاسل ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب عبدالله کي گذريل ڇنڇر واري رات نيو ڪاسل يونيورسٽي جي لائيبريري ويندي رستي تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. رپورٽ موجب نسل پرستن عبدالله قيصر جي ڪار جو گيراءُ ڪيو، ان دوران هڪ عورت کائنس موبائل فون پڻ کسي ورتي. عبدالله موجب نسل پرستن کيس چيو ته واپس پنهنجي وطن وڃ، تنهنجو هتي ڪو تعلق ناهي. ان دوران هڪ شخص عبدالله جي نڪ تي ٺونشو وهائي ڪڍيو، جنهن بعد هو زخمي حالت ۾ ڪارڊرائيو ڪندي يونيورسٽي جي جم پهتو، جتي انتظاميا کيس فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد پوليس، ڪيپمس سيڪيورٽي ۽ ايمبولينس کي گهرائي ورتو. پوليس موجب واقعي جي جاچ لاءِ ڪيمپس گرائونڊ جي سي سي ٽي وي ڪيمرا جي به مدد ورتي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس ان سلسلي ۾ نسل پرستي امڪانن کي رد ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے