23 منگل , اکتوبر 2018

ڪالاباغ ڊيم ۽ نگران سرڪار جو مينڊيٽ

پاڻي ۽ بجليءَ واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر علي ظفر شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم جي تعمير جي مخالفت پٺيان پرڏيهي هٿ ملوث آهي، هن ايندڙ سرڪار کي مشورو ڏنو آهي ته اها ڪالاباغ ڊيم جي تعمير بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکي.

سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي ڪالاباغ ۽ ٻين ڊيمن جي تعمير ۾ ڪا اڳڀرائي نه ڪرڻ کي ڀارت ويجهي کان ڏسي رهيو آهي ۽ دريائي حقن جي خلاف ورزي به ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدي کانپوءِ ڀارت اوڀر وارن درياهن، بياس، ستلج ۽ راوي تي 400 ڊيم ۽ پاڻي ذخيرا تعمير ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ڪالا باغ ڊيم جي تعمير به نه ڪري سگهيو آهي.  هن چيو ته 1960ع واري منصوبي ۾ شامل هئڻ باوجود صوبن ۾ اتفاق راءِ نه ٿيڻ ۽ اعتماد جي فقدان جي ڪري ڪالا باغ ڊيم تعمير ٿي نه سگهيو آهي ۽ اها بد اعتمادي وقت گذرڻ سان وڌندي ئي رهي آهي، پر ان کان به وڏي بدقسمتي هيءَ آهي ته ٻيا ڊيم به تعمير ٿي نه سگهيا آهن.

ڏٺو وڃي ته بئرسٽر علي ظفر صاحب پاڻي ۽ بجليءَ جو نگران وفاقي وزير آهي، يعني هو ان نگران حڪومت ۽ ڪابينا  جو ميمبر آهي، جنهن جو مينڊيٽ آئين موجب فقط ۽ فقط صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي گهر هليو وڃڻ آهي، نگران حڪومتون جڙنديون ئي ان وقت آهن، جڏهن هڪڙي چونڊيل حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي آهي ته ۽ چونڊن کانپوءِ جيستائين ٻي چونڊيل حڪومت اچي پنهنجون آئيني ذميواريون سنڀالي، ان جي وچ واري عرصي ۾ ملڪ جو معمول جو ڪاروهنوار عام طور هلائڻ لاءِ نگران حڪومتون قائم ٿينديون آهن، جن وٽ نه ته پاليسي سازيءَ جو اختيار هوندو آهي نه ئي وري حد کان وڌيڪ ڪي خرچ پکا ڪرڻ جو اختيار سو بهتر ٿئي ها ته نگران سرڪار ۽ ان جا وزير ڪالا باغ ڊيم جهڙي تڪراري معاملي تي مفيد مشورا ڏيڻ بدران پنهنجي آئيني ذميوارين تائين ئي محدود رهن ها.

رهي ڳالهه ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ ڀارت جو هَٿُ هئڻ جي الزامن جي ته ننڍن صوبن لاءِ اهي الزام ڪي نوان ناهن، ننڍن صوبن جڏهن به پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ته کين هر ڀيري اهڙن لقبن سان ئي ڀتي نوازيو ويندو رهيو آهي، جنهن جو اشارو پاڻي ۽ بجليءَ واري وفاقي وزير ٽيون ڏينهن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڏنو آهي.

اهڙن تڪراري معاملن تي بنا ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ جي تڪڙي راءِ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ته الائي ڇو اهو وساريو وڃي ٿو ته ان جي ملڪ جا وحدت لاءِ خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا، ڪنهن به تڪراري معاملي تي پنهنجي ماهراڻي تڪراري راءِ کان اڳ اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پاڪستان چئن وحدتن (اڪاين) تي مشتمل هڪ وفاق آهي، آباديءَ جي لحاظ کان ڪو صوبو گهٽ ته ڪو وڌ آبادي رکندڙ ضرور آهي پر آئيني حوالي سان سڀني صوبن جي حيثيت برابر آهي، سو اهڙو ڪو منصوبو جيڪو قومي سطح تي شروع ٿئي يا ڪيو وڃي، تنهن لاءِ وفاق جي چئني وحدتن (صوبن) ۾ اتفاق هجڻ لازمي آهي، ڇو جو اهو اتفاق ئي ملڪ جي بقا ۽ سلامتي جو ضامن آهي پر ان اتفاق کي نظرانداز ڪرڻ قطعي طور ملڪي بقا لاءِ سٺو سنوڻ نه هوندو.

ڪالاباغ ڊيم کي ملڪ جي چئني صوبن مان ٽي صوبا، هڪ نه پر ڪيئي ڀيرا رد ڪري چڪا آهن، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون چونڊيل حڪومتون ۽ چونڊيل اسيمبليون ڪيئي ڀيرا ڪالا باغ ڊيم جي منصوبي کي رد ڪري چڪيون آهن ته پوءِ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخرڪار اهڙي منصوبي تي ڳت ڏئي ڇو ٿو بيٺو وڃي، جنهن جا ٽي صوبائي مخالف ۽ رڳو هڪڙو حق ۾ آهي.

اڄ جو دور وڏن پاڻي ذخيرن/ ڊيمن جي تعمير جو دور ناهي، سڄي دنيا ننڍن ننڍن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏئي رهي آهي، جتي سمجهيو وڃي ٿو ته ڪنهن ڪنهن مند ۾ پاڻي گهڻو ٿئي ٿو، مينهن وڌيڪ پون ٿا، يا گلشيئر ڳرن ٿا يا وري ٻوڏ اچي ٿي ته، ان کي نظر ۾ رکندي فزيبل هنڌ تي ننڍا ننڍا  ڊيم تعمير ڪري پاڻي ذخيرو ڪيو ٿو وڃي ته جيئن جتي اهي ڊيم هجن، ان علائقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پوري ڪري سگهجي پر اسان وٽ صورتحال ئي تبديل آهي، هڪ منصوبي تي 1960ع جي ڏهاڪي کان وٺي ڳت ٻڌي بيٺو رهيو آهي ته ان کان اڳتي وڌيو ئي ناهي ويو، نه ئي وري ڪا ٻي واهه سوچي وئي آهي.

رهي ڳالهه صوبن ۾ بداعتماديءَ جي ته آدمشماري هجي يا پاڻي ۽ ناڻي جا مسئلا اهي هميشه هن ملڪ اندر تڪراري ۽ صوبن ۾ هڪٻئي تي بي اعتماديءَ جو سبب بڻيل رهيا آهن، مثال طور 1991ع وارو جيڪو پاڻي معاهدو سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ ٿيو، تنهن تي ان جي روح مطابق عمل ڪرڻ ۽ ان ٺاهه تحت ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سنڌ جو ڊيلٽا بچائڻ، انساني، آبي ۽ جهنگلي جيوت جي گهرجن جي پورائي لاءِ 10 ملين ايڪڙ فوٽ (ايم اي ايف) پاڻي ڇڏڻ بدران، ويتر چيو ٿو وڃي ته پاڻي سمنڊ ۾ ضايع پيو ٿئي، تنهن ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو. پاڻي چاهي ورهين جا ورهيه ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏيو ئي ناهي ويو، ته ضايع ڪٿان پيو ٿئي، اصل ۾ اهو رويو ئي صوبن ۾ اعتماد گهٽائڻ بدران وڌائي ٿو.

حقيقت ۽ دليل جي بنياد تي، آئين ۽ قانون جي لحاظ کان صوبا جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ٿا پنهنجي خدشن جو اظها ڪن ٿا، يا ڪنهن منصوبي کي پنهنجي لاءِ نقصانڪار ۽ زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهن ٿا ته ان پٺيان دشمن ملڪ جو هٿ هئڻ جو الزام هڻڻ بدران ان کي حقيقت جي اک سان ڏسي، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي صوبن جي راءِ جو احترام ڪرڻ گهرجي. رهي ڳالهه ڊيم تعمير ٿي نه سگهڻ جي ته سرڪار کي به رڳو هڪ ڊيم تي ڳت ڏئي بيهڻ بدران هاڻي ننڍن ڊيمن جي تعمير تي نه رڳو ڌيان ڏيڻ گهرجي پر ان لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، ۽ اهو ڪم چونڊيل حڪومتون ئي احسن طريقي سان سرانجام ڏئي سگهن ٿيون، نه ڪي نگران حڪومتون.

اربع 8 آگسٽ 2018ع، 25 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے