21 بدھ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو اين اي 131 ۾ ٻيهر ڳڻپ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

The Supreme Court suspended the verdict order in NA 131 of the Lahore High Courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 131 لاهور ۾ ٻيهر ڳڻپ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي معطل ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. ياد رهي ته 25 جولائي تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اين اي 131 ۾ عمران خان مسلم ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق کي 680 ووٽن تان شڪست ڏني هئي. عمران خان گڏيل طور تي 84313 ووٽ حاصل ڪيا هئا جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل اميدوار خواجا سعد رفيق 83633 ووٽ حاصل ڪيا هئا. خواجا سعد رفيق عمران خان جي ڪاميابي کي چيلنج ڪندي  ريٽرننگ آفيسر (آر او) کان رد ٿيل ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي هئي جنهن ۾ عمران خان جي ڪامابي برقرار رهي هئي جڏهن سندس ڪاميابيءَ جو مارجن گهٽ ٿي 680 وڃي بچو هو.بعد ۾ سعد رفيق آر او کان سڄي تڪ کولڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن کي رد ڪيوويو، جنهن بعد مسلم ليگ ن آر او جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽريبونل 4 آگسٽ تي  خواجا سعد رفيق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ اليڪشن ڪميشن کي اين اي 131 ۾ عمران خان جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف سان ڪيمبرين پيٽرول ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ ٽيم جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته آرمي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے