17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪوئيٽا سول اسپتال ۾ آپگهاتي حملي جي شهيدن جي ٻي ورسي، وڪلين جو عدالتي بائيڪاٽ

At The Royal Civil Hospital, the second day of the suicide attack on the Taliban, Vaccine's judicial bookڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ 8 آگسٽ 2016 تي ٿيندڙ آپگهاتي بم ڌماڪي جي شهيدن جي اڄ ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي، ان موقعي تي صوبي جي وڪيل تنظيمن طرفان عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ۽ شهيدن جي ياد ۾ سيمينار ڪوٺايو ويندو. ياد رهي ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ اڄ کان ٻه ورهيه اڳ ان وقت آپگهاتي بم ڌماڪو ڪيو ويو هو جڏهن بلوچستان بار ايوسي ايشن جي مقتول صدر بلال انور ڪاسي جو مڙهه سول اسپتال آندو ويو هو. ان بدترين آپگهاتي حملي ۾ 54 وڪيلن سميت 74 ڄڻا شهيد جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا. اڄ صوبي  جي وڪيل تنظيمن طرفان بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ شهيدن جي ياد ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو  جنهن ۾ سڄي ملڪ مان آيل وڪيل شرڪت ڪندا. وڪلين جي تنظيمن جي اپيل تي اڄ صوبي جي عدالتي ڪاروائين ۾ يوم سوڳ ۽ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي ۽ عدالتي ڪاروائين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس: انور مجيد، عبدالغني ۽ حسين لوائي کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ملوث انور مجيد، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے