15 جمعرات , نومبر 2018

حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل، پاسپورٽ بلاڪ

The names of Hasan and Hussain Nawaz included the list in the list, the passport blockedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري سندن پاسپورٽ بلاڪ ڪيا ويا. اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ريفرنس ۾ ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تان حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏئي سندن ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته نيب ٻنهي کي انٽرپول جي ذريعي وطن واپس آڻڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. نجي ٽي وي چينل موجب نيب حسن ۽ حسين نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ درخواست ڏني آهي، جنهن تي نگران ڪابينا فلحال ڪو به فيصلو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب نيب پاسپورٽ اميگريشن ڊائريڪٽوريٽ کي  درخواست ڏني هئي  جنهن ۾ حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري سندن پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو چيو ويو هو. ذريعن موجب نيب جي درخواست تي اڳوڻي وزيراعظم جي ٻنهي پٽن جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته سندن پاسپورٽ پڻ بلاڪ ڪيا ويا آهن جنهن بعد ٻئي ڄڻا پاڪستاني پاسپورٽ تي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ سفر نه ڪري سگهندا.  واضح رهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار جي خلاف نيب ريفرنسز داخل ڪيا جنهن ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي سزا  ٻڌائي وئي آهي جڏهن ته اسحاد ڊار آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ روپوش آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو چيئرمين اقليت مان لڳائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي متروڪه وقف املاڪ بورڊ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے