16 اتوار , دسمبر 2018

عرب امارتن جي ايمنسٽي اسڪيم ۾ پاڪستانين جي دلچسپي، هڪ هفتي ۾ 1100 درخواستون

The Arab Emirate's Affiliate Scheme is interested in Pakistanis, 1100 applications in a weekدبئي(ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امااتن جي ايمنسٽي اسڪيم ۾ پاڪستانين جي دلچسپي وڌي وئي آهي ۽ رپورٽ موجب  سڄي هفتي ۾ 1100 پاڪستانين ان سلسلي ۾ قونصل خاني  سان رابطو ڪيو آهي. اماراتي اخبار خليج ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب پهرين آگسٽ کان شروع ٿيل ايمنسٽي اسڪيم جي سلسلي ۾ 700 پاڪستانين اميگريشن سينٽر ۽ 400 ڄڻن قونصل خاني سان رابطو ڪيو. ياد رهي ته امارتي مشن طرفان شروع ڪيل ان اسڪيم تحت پاڪستانين کي پيغام ڏنو ويو هو ته هو ان مان فائدو حاصل ڪري پنهنجي شخصيت ٺيڪ ڪري پنهنجو بچاءُ ڪن. اماراتي حڪومت ايمنسٽي وٺندڙن کي هرطرح جي سهولتن مهيا ڪري رهي آهي، کين نجي ايئرلائن جي ذريعي فري ٽڪيٽ جاري ڪيا پيا وڃن، ڪاغذن جي تياري لاءِ اميگريشن جي فيس جي مد ۾ مالي سهڪار ڏئي رهي آهي. ٻئي پاسي ايمنسٽي وٺندڙ کي آئوٽ پاسسز پڻ جاري ڪيا پيا وڃن ۽ انهن جي ويزا جو مدو 7 مهينن تائين وڌايو پيو وڃي ته جيئن ماڻهو روزگار جي ڳولا ڪري سگهن.  قونصل جنرل جاويد حسن موجب پاڪستاني مشن هن وقت 400 ماڻهو سفري دستاويز جاري ڪيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے