17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ : چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ايم ايم اي ۽ پ پ جا هاءِ وي تي ڌرڻا

Kandhkot: MMA and PPP Protest against rigging in previous general election*ڪنڌڪوٽ ۾اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف ايم ايم اي جي سڏ تي انڊس هاءِ  وي خيمو کوڙي   سوين ڪارڪنن جو  ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن  گهنٽاگهر چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

ايم ايم اي جي ڌرڻي سبب  چئني صوبن ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي .

ايم ايم اي جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مولوي شمس الدين ڀيري،قاري شفيع محمد کوسو،حبيب الله ميمڻ ۽ ٻين چيو ته اليڪشن نه پر  سليڪشن هئي.

 هنن ٻڌايو ته هن ڀيري ٿيل چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي آهي.

ٻِئي طرف پ پ جي ڌرڻي کي  الطاف کوسو،غفران ملڪ،شهزادو کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي  چيو ته پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي وڏي سازش تحت هارايو ويو آهي.

پيپلز پارٽي ۽ ايم ايم اي مطالبو ڪيو ته پوري ملڪ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : هالاڻي: محرابپور سيپڪو آفيس ۾ اي سي دادو ۽ ايڪسين نوشهرو فيروز  جي کليل ڪچهري

هالاڻي ويجهو  محراب پور سيپڪو آفيس ۾ اي سي دادو ۽ ايڪسين نوشهرو فيروز  عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے