13 منگل , نومبر 2018

ڪرپشن اسڪينڊل: ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رازق تي وڌيڪ 3 نوان فرد جرم لاڳو

Corruption scandal: Malaysia's former Prime Minister Najib Razzaq applied more than 3 new crimesڪوالالمپور(ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رازاق جي  خلاف ڪرپشن اسڪينڊل ۾ وڌيڪ ٽه نوان فرد جرم لاڳو ڪيا ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق کي ملائيشيا جي اينٽي ڪرپشن ڪميشن 3 جولائي تي ڪولالمپور ۾ قائم سندس ذاتي رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي مالي بدعنواني جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو. پرڏيهي خابرو اداري موجب نجيب رزاق جي خلاف ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس جي ڪوالالمپور جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي وزيراعظم تي ٽه نوان مني لانڊرنگ جا الزام لاڳو ڪري ڇڏيا. الزام ثابت ٿيڻ تي هر هڪ الزام تي کيس 15 ورهيه قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته گذريل مهيني پڻ ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ مٿس 4 الزامن جي تحت فرد جرم لاڳو ڪئي وئي هئي، جڏ هن ته هن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. نجيب رزاق تي پنهنجي حڪومتي دور ۾ سرڪاري فنڊ مان 10 ڏهائي 3 ملين ڊالرن جي رقم پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقلي ۽ طاقت جو غلط استعمال سميت 4 الزام هنيا ويا هئا. گذريل الزام ثابت ٿيڻ تي کيس 20، 20 سال قيد ٿي سگهي ٿي.هلندڙ سال مئي ۾ ٿيندڙ ملائيشيا جي عام چونڊن ۾ اڳوڻي وزير اعظم مهاتير محمد کي تاريخي ڪاميابي حاصل ٿي هئي جنهن بعد هن ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت ۾ حلف کنيو هو. حلف کڻڻ بعد مهاتير محمد اعلان ڪيو هو ته هو ملڪ مان لٽيل ملين ڊالرن کي واپس وطن آڻيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزا: اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ هوائي حملن ۾ 6 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين ۾ قابض اسرائيلي فوج جي بناجواز فائرنگ ۽ هوائي حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے