19 پیر , نومبر 2018

ڪراچي: ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل مشتاق مهر جي بدلي

Karachi: Change of Additional Inspector General Mushtaq Mahar ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس ۾ ڪراچي جي ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل(اي آءِ جي) مشتاق مهر جي سينٽرل پوليس آفيس(سي پي او) سنڌ ۾ بدلي ڪئي .آءِ جي سنڌ امجد سليمي جي آفيس مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اي آءِ جي مشتاق احمد مهر کي بدلي ڪيو ويو آهي ۽ کيس سينٽرل پوليس آفيس سنڌ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي مشتاق مهر ٻڌايو ته هن آءِ جي ۽ سنڌ حڪومت کي 2 ڏينهن اڳ خط لکيو هو ، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته 25 جولائي تي ٿيندڙ عام چونڊن بعد سندس عهدي جي ٽن ورهين وارو مدو ختم پورو ٿي چڪو آهي. عهدي جو مدو پورو ختم ٿيڻ بابت اطلاع ڏيڻ جي ٻن ڏينهن بعد ئي اڳوڻي اي آءِ جي جي بدلي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو . واضح رهي ته مشتاق مهر کي جولائي 2015 ۾ ايڊيشنل اسنپيڪٽر جنرل ڪراچي جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو، جولائي تي 2017 ۾ ڪراچي ۾ جاري آپريشن سبب مشتاق مهر جي بدلي ڪري کيس ٽريفڪ پوليس چيف مقرر ڪيو ويو هو. ان فيصلي جي پنجن هفتن بعد سنڌ حڪومت پوليس ۾ مقرريون ۽ بدليون ڪري مشتاق مهر کي هڪ ڀيرو ٻيهر غلام قادر ٿيٻو جي جاءِ تي اي آءِ جي پوليس مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته غلام قادر ٿيٻو کي اي آءِ جي ٽريفڪ مقرر ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن مقصد لاءِ قربانيون ڏنيون ان کي حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هاڻ اسان هائبرڊ عسڪريت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے