16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: سانگهڙ: جمڙائو ڪئنال کي مختلف جڳهن تان روڻيون، آبپاشي جو عملو نه پهتو

Sanghar: Jamsho Canal kept different from different places, Irrigation staff did not come*سانگهڙ جي جمڙائو ڪينال کي آر ڊي 155 ۽ 156 کان مختلف جڳهن تان روڻا پئجي ويا، اطلاع باوجود آبپاشي جو عملو نه پهتو  جڏهن ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت روڻيون بند ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ايريگيشن پاران مختلف واٽر بند ڪرڻ سبب جمڙائو ڪينال جو پاڻي اوور ٿيڻ لڳو جنهن ڪري روڻيون پئجي ويون .

 هنن ٻڌايو ته روڻيون پوڻ سبب ڳوٺ علي بخش شاهه، ٻرهون، ڳوٺ محمد علي بوداڻي، ڳوٺ مير ڀاڻوجو، ڳوٺ ڌڻي بخش سنجراڻي، ڳوٺ لعل بخش لاشاري  ۽  ڳوٺ امام آباد کي نقصان پهچڻ جو خدشو  آهي.

 هنن ٻڌايو ته روڻن سبب هزارين ايڪڙ تي پوکيل فصلن کي نقصان پهچڻ جو پڻ انديشو آهي.

آبادگارن ، ڪڙمين توڙي علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته جمڙائو ڪينال کي آر ڊي 32 کان لڳل روڻيون ترت بند ڪيون وڃن…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے