13 منگل , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊو آدم: استادن  پاران پ ٽ الف اڳواڻ تي حملي خلاف احتجاج

Tando Adam: Protest against the attack by the teachers on the PP-A leaderٽنڊي آدم ۾استادن  پاران پ ٽ الف اڳواڻ تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو پ ٽ الف جي تعلقي صدر لکا ڏنو، غلام رسول ۽ جميل شاداني سميت ٻين استادن پ ٽ الف اڳواڻ بابو اسماعيل تي حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي پ ٽ الف اڳواڻن چيو ته پ ٽ الف ٽنڊي آدم جي جنرل سيڪريٽري بابو اسماعيل ڏيري تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي ٽي ڏينهن گذري وڃڻ بعد به پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي.

هنن چيو ته پ ٽ الف اڳواڻ تي بنا سبب حملو ڪيو ويو، ڪيس داخل هجڻ باوجود سٽي پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري.

پ ٽ الف اڳواڻن ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته پ ٽ الف اڳواڻ تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري جوڳي سزا ڏي……………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے