15 جمعرات , نومبر 2018

ٽيم متحد آهي، ڀارت کي ٻي ٽيسٽ ۾ به شڪست ڏينداسين: روٽ

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جو روٽ چيو آهي ته ڀارت خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ رانديگرن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، ٽيم مڪمل طور متحد آهي، ٻي ميچ ۾ ڪاميابي ماڻينداسين. ڀارت ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان لنڊن ۾ شروع ٿي رهي آهي. ان حوالي سان ميزبان ٽيم جي ڪپتان جو چوڻ هو ته پهرين ميچ ۾ ڪاميابي کانپوءِ اسان ٻي ميچ لاءِ بيچين آهيون، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀارتي ٽيم مضبوط آهي، اسان ڀارتي ٽيم کي ڪمزور سمجهڻ جي غلطي نه ڪنداسين. واضح رهي ته برمنگهم ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ڀارت کي 31 رنسن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وسيم اڪرم ڪراچي ڪنگ جو صدر بڻجي ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر وسيم اڪرم پي ايس ايل فرنچائز ملتان سلطان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے