22 پیر , اکتوبر 2018

محمد يوسف ورلڊ ڪپ لاءِ گرين شرٽس کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف ايندڙ سال انگلينڊ ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ لاءِ گرين شرٽس کي فيوريٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀارت ۽ ميزبان انگلش ٽيم به ٽرافي کٽڻ لاءِ اهم ٽيمون ثابت ٿي سگهن ٿيون. پنهنجي تازي بيان محمد يوسف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وٽ انگلينڊ ۾ ون ڊي ٽورنامينٽون کٽڻ جو تجربو کين ٽائيٽل لاءِ فيوريٽ بڻائيندو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته چيمپيئنز ٽرافي جا انگلينڊ ۾ ٿيل گذريل ٻئي ايونٽ ڀارت ۽ پاڪستان کٽيا، تنهن ڪري ٻنهي ٽيمن ۾ ورلڊ ڪپ کٽڻ جي صلاحيت نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته ميگا ايونٽ ۾ اسپنرن جو ڪردار اهم هوندو ۽ پاڪستان کانسواءِ ڀارت وٽ به ان حوالي سان بهترين آپشن موجود آهن پر جيڪڏهن انهن ٻنهي ٽيمن مان هڪ جي چونڊ ڪئي وڃي ته يقينن پاڪستان جو پاسو وزنائتو آهي، ڇو ته قومي ٽيم وٽ انگلش ڪنڊيشن لاءِ بهترين پيسر به موجود آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

احمد شهزاد منهنجو آئيڊيل ناهي رهيو: صاحبزادا فرحان

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي خلاف ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ اوپننگ بيٽسمين صاحبزادا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے