23 منگل , اکتوبر 2018

پاڻ کي هر لحاظ سان ڏسي خوش ٿيندي آهيان: ڪرينا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته مان پنهنجو پاڻ کي هر لحاظ کان ڏسي خوش ٿيندي آهيان. بيبو گرل جي نالي سان مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي سمارٽنيس سبب به شهرت رکي ٿي. پنهنجي پٽ تيمور جي پيدائش کانپوءِ ٿولهه جي حوالي سان ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته ڳورهاري ٿيڻ ۽ ٻار ڄڻڻ کانپوءِ وزن وڌڻ فطري هو ۽ ماءُ بڻجڻ جو احساس به ڏاڍو خوشگوار آهي، مان ان وقت به ٿولهه ۽ شيپ سائز مان خوش هيس پر هاڻ ٻيهر فٽينس فارم ۾ واپس اچي رهي آهيان. وزن گهٽائڻ جي حوالي سان اداڪارا جو چوڻ هو ته مان پهرين رائونڊ ۾ 20 ۽ ٻئي رائونڊ ۾ 32 ڪلو وزن گهٽ ڪيو. واضح رهي ته ڪرينا ڪپور جي آخري رليز ٿيل فلم ”ويري دي ويڊنگ“ آهي، جنهن باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪيو. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Better choice of words next time Ms Minister, Ahad Raza Mir hits back at Mazari

”ڪوڪو ڪورنيا“ تي تنقيد: سجل علي، احمد رضا مير جي حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز ) ڪوڪو اسٽوڊيو جي 11 هين سيزن ۾ ” ڪوڪو ڪورينا“ گيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے