19 پیر , نومبر 2018

نيوز: جهنڊو مري: سيد الطاف حسين شاهه مريدن سوڌو پي ٽي آءِ ۾ شامل

Jhando Mori: Syed Altaf Hussain Shah Mareen joins SOUTH PTIتعلقي جھنڊو مري جي نالي واري شخصيت آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊون هارائيندڙ سيد الطاف حسين شاهه پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪري ڇڏي.

ٽنڊي الهيار پريس ڪلب ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي پلهه سان پريس ڪانفرنس ڪندي سيد الطاف شاهه چيو ته عمران خان جي پارٽي ملڪ ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪئي آهي، متاثر ٿي پنهنجي مريدن ۽ دوستن سميت پي ٽي آءِ ۾شموليت ڪئي آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي جي 10 سالن جي حڪمراني دوران سندن علائقي ۾ ڪيترائي اسڪول بند رهيا، صحت مرڪز نه هئڻ برابر ۽ پاڻي جي شديد کوٽ سبب علائقي ۾ فاڪاڪشي واري صورتحال آهي.

سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچڻ  بعد سندن علائقي جا مسئلا حل ڪري سڌارو آڻيندي.

ان موقعي تي ايڊوڪيٽ علي پلهه چيو ته پي ٽي آءِ جي وفاق ۾ حڪومت بعد لاڳاپن وارن ادارن ذريعي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گيس، بجلي، پاڻي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ گڏجي عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ويندو……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڀان سيد آباد: ڪنڀر برادري جي ماڻهن جو بااثرن خلاف احتجاج

ڀان سيدآباد ۾ پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف ڪنڀر برادري جي عورتن پاران احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے