14 بدھ , نومبر 2018

وقتي آمريڪي سفير جي عمران خان سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي وقتي سفير جان ايف هوور جي قيادت ۾ وفد بني گالا پهچي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪري چونڊن ۾ ڪاميابيءَ تي کيس واڌايون ڏنيون آهن. تحريڪ انصاف جي پڌرائي موجب ملاقات ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته پاڪستان افغانستان ۾ مڪمل استحڪام جو خواهشمند آهي، اسان سدائين افغانستان ۾ سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، خوشي آهي ته اڄ آمريڪا طرفان به سياسي حل جي حق ۾ آواز اٿي رهيو آهي. تحريڪ انصاف سربراهه جو چوڻ هو ته افغان مسئلي جو حل جنگ ۽ طاقت جو استعمال ناهي، افغانستان جو استحڪام پاڪستان، آمريڪا توڙي خطي ۾ مفاد ۾ آهي، پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ لاهن چاڙهن گڏيل اعتماد جي کوٽ آهي. عمران خان چيو ته اسان آمريڪا سان اعتماد تي ٻڌل لاڳاپن لاءِ پرعزم آهيون، آمريڪا سان مستحڪم واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي اهم سمهون ٿا، پاڪستان جي آمريڪا سان سفارتي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سرگرمي وقت جو تقاضو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ” نئون پاڪستان ڪالنگ ويب پورٽل“ جو افتتاح

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزير زلفي بخاري سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے