21 بدھ , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: ايڇ آر سي سي جي گڏجاڻي، سنڌ جي مسئلن تي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو

Hyderabad: The decision of holding a conference on Sindh's issues, including the HRCCحيدرآباد ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي ايڇ آر سي سي سنڌ مان گم ڪيل ماڻهن واري مسئلي سميت سنڌ ۾ عوامي ۽ انساني حقن جي لتاڙ بابت ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پروفيسر امدد چانڊئي جي صدارت هيٺ ٿيل هيومن رائيٽس ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ جامي چانڊئي، بخشل ٿَلهي، مهيش ڪمار، فاروق سومرو، مسرور شاهه، مهراڻ ميمڻ ۽ حسين مسرت شاهه شرڪت ڪئي.

گڏجاڻي ۾ جامي چانڊيو کي ٽن مهينن لاءِ ڪميٽي جو ڪنوينيئر چونڊڻ سان گڏ آڪٽوبر مهيني ۾ گم ڪيل ماڻهن واري مسئلي سميت سنڌ ۾ عوامي ۽ انساني حقن جي لتاڙ بابت هڪ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو .

ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ لاءِ جامي چانڊيو، امداد چانڊيو، مسرور شاهه ۽ بخشل ٿلهو تي ٻڌل هڪ ورڪنگ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي.

گڏجاڻي ۾ مستقبل جي رٿابندي ڪندي فيصلا ڪيا ويا ته ڪميٽي سنڌ ۾ انساني ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ مستقل بنيادن تي جدوجهد ڪندي رهندي.

 گڏجاڻي ۾ سنڌ جي نوجوان مصور جي لاهور ۾ ٿيل وحشتناڪ قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شفاف جاچ ۽ مقتول نوجوان سان انصاف جي گهر ڪئي وئي.

گڏجاڻي ۾ موري ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ شهرين جي پرامن احتجاج تي پوليس جي پر تشدد ڪارروائي جي پڻ مذمت ڪئي وئي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: مانجهند: جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي

*مانجهند ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي.  جشن عيد ميلاد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے