21 بدھ , نومبر 2018

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ غريبن لاءِ آيل 33 ارب رپين جي گهوٻين جو انڪشاف

اسلام آباد(م ڊ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 33 ارب رپين جي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، سيڪريٽري بي آءِ ايس پي ڪميٽي جي ميمبرن کي مطمئن نه ڪري سگهيو. سينيٽ جي گهٽ ترقي وارن علائقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي و اجلاس چيئرمين عثمان ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ ٿيو، ڪميٽي کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي بريفنگ ڏني وئي. سينيٽر فدا خان چيو ته سيڪريٽري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻڌائي ته ورهايل 66 اربن مان 33 ارب ڪيڏانهن ويا، هن چيو ته رات دير تائين انهن فائلن جو تفصيلي جائزو ورتو، مون کي فائلن ۾ گهوٻيون محسوس ٿيون، اصل ذميوارن بابت ٻڌايو وڃي. ڪميٽي جي پڇاڻي تي بي آءِ ايس پي  سيڪريٽري جواب ڏيڻ ۾ ناڪام آيو جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اِها رقم غريب عوام جي آهي ان کي ائين ئي بسن ۽ ڪنهن جي چونڊ تي خرچ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، معاملي کي سينيٽ ۾ اٿاريو ويندو ۽ ذميوارن کي جواب ڏيڻو پوندو، بي آءِ ايس پي بابت ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته 2008 ع ۾ هر ايم اين اي ۽ سينيٽر کي ورڇ لاءِ في ڪس هڪ هزار رپيا ڏنا ويا جڏهن ته چئني صوبن جي ايم پي ايز کي 800 رپيا ادا ڪيا ويا. اختيارين موجب بي آءِ ايس پي جي سالياني بجيٽ 2008 ع جي 70 ارب رپين کان وڌائي 19-2018 ع جي لاءِ 124 ارب رپيا ڪئي وئي آهي.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجند مان سنڌو ۾ ڇوڙ بند، پنجاب جي تڪراري ٽي پي لنڪ مان کڻت

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو ) تربيلا ۽ منگلا ڊيم مان روزانو هڪ کان 2 فٽ  پاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے