18 اتوار , نومبر 2018

العزيزيه فليگ شپ ريفرنس: نواز شريف کي سومر تي پيش ڪرڻ جو حڪم

Umerkot: Fake ballot papers received, five suspects arrestedاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت العزيزيه اسٽلز ملز ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کي سومر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت نمبر 2 جي جج محمد ارشد ملڪ نواز شريف خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي جج محمد ارشد ملڪ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي کان پڇاڻو ڪيو ته ٻنهي ريفرنسز ۾ ڪارروائي ڪٿي پهتي آهي. سردار مظفر عباسي آگاهه ڪيو ته العزيزيه اسٽيل ملز ۾ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه ضياءَ کانپوءِ هڪ شاهد باقي آهي. هن ٻڌايو ته ٻنهي ريفرنسز ۾ 3 جوابدار آهن، نواز شريف خلاف ڪارروائي هلي رهي آهي، جڏهن ته سندس پٽن حسن ۽ حسين نواز کي احتساب عدالت عدم حاضري تي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي. ٻڌڻي کانپوءِ جج محمد ارشد ملڪ نواز شريف کي سومر تائين پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف عدالت فريادي ڌر کي به واجد ضياءَ کي سومر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے