23 منگل , اکتوبر 2018

نذيرعباسيءَ جي شهادت ۽ عوامي انقلاب جي اُميد..

                         17- آڪٽوبر 1917ع دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙي تاريخ آهي جيڪا انساني جنم کان وٺي ان جي شعورجڻ تائين نه فقط انساني جسم ۽ جان جي ارتقا جي مرحلن، انساني سمجهه، سوچ، شعور ۽ ساڃاهه جي اسرڻ، انساني سماجن جي ارتقا جي سمورن مظهرن جي جهڙوڪر شاهد آهي.17- آڪٽوبر جي تاريخ هڪ اهڙي تاريخ آهي جنهن دنيا جي  لکين ڪروڙين سالن جي مروج تاريخ جا سمورا رخ موڙيا هن کي الهامي طاقتن جي هٿن ۽ خيالن مان ڪڍي عامي طاقتن جي هٿن ۽ خيالن ۾ ڏئي ڇڏيو، 17- آڪٽوبر 1917ع بعد دنيا اها نه رهي جيڪا لکين ڪروڙين سالن کان رهندي پئي آئي.

هاڻي انسان سوچڻ لڳو هو، هاڻي انسان سمجهڻ لڳو هو ۽ هاڻي انسان پنهنجو پاڻ کي هن ڪائنات جي وسعتن جو فاتح سمجهڻ لڳو هو، انسان کي ڪائنات فتح ڪرڻ کان اڳ پنهنجو سماج فتح ڪرڻو هو، بک کي فتح ڪرڻو هو، غلاميءَ کي فتح ڪرڻو هو، پاڻ کي فتح ڪرڻو، جنهن بعد ئي انسان هن ڪائنات جي وسعتن کي فتح ڪرڻو هو. 17- آڪٽوبر 1917ع جي تاريخ ڄڻ انساني سماج ۾ اهڙن سڀني لقائن کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ حقيقي امڪانن جا بنياد رکي ڇڏيا هيا.

17- آڪٽوبر 1917ع جي تاريخ نه فقط سڄي دنيا ۽ انساني تاريخ تي پنهنجا اثر ڇڏيا پر ان سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌي سماج ۽ سوچ تي پڻ ان پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا جيڪي تاحال قائم آهن، 17- آڪٽوبر جي انقلاب جي عمل، فڪر ۽ فلسفي جا اثر اڄ  به سنڌ تي قائم آهن ۽ اڄ به سنڌ پنهنجو سفر جاري رکيون پئي اچي.

ننڍي کنڊ ۾ انگريزن خلاف جاري جدوجهد جڏهن مذهب جي بنياد تي جڙڻ لڳي ته پوءِ 1947ع بعد ننڍي کنڊ جي ورهاست ٿي ۽ واضع طور ننڍي کنڊ جي ڪک مان پاڪستان نالي هڪ وفاقي ملڪ جنم ورتو جنهن جا سنڌ، پنجاب، بنگال، سرحد ۽ پنجاب وفاقي يونٽ قرار ڏنا ويا، جيڪي پنهنجي وجود ۾ خودمختيار ڄاڻايا ويا، ننڍي کنڊ جي ورهاست بعد جيڪا لڏپلاڻ ٿي ان ۾ هندستان مان پاڪستان ايندڙن ۾ مذهبي ڌرين، جمهوريت پسندن، لبرل ماڻهن سميت ڪيئي کاٻي ڌر جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ پاڪستان آيا جن مان اڪثر اردو ڳالهائيندڙ هيا جن پنهنجي کاٻي ڌر جي سياست جو محور ۽ مرڪز لاهور ۽ ڪراچيءَ کي بڻايو، پر سندن جو گهڻو اثر ڪراچيءَ ۾ رهيو .

هندستان کان ايندڙ کاٻي ڌر جا اڳواڻ هندستان ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيا جن پاڪستان اچڻ بعد پنهنجي جدوجهد جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري رکيو، سندن جي جدوجهد جي اثر پنجاب ۾ گهٽ رهيو ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ رهيو، پنجاب ۾ کاٻي ڌر جي قيادت ۽ دانشور لڏو پيدا ٿيو ۽ سنڌ مان وري وڏي انگ ۾ ڪارڪن لڏو پيدا ٿيو، جيڪو کاٻي ڌر جي سياست ۾ حقيقي طور تي ٻارڻ جي ڪم ڏيندو رهيو ۽ کاٻي ڌر جا اڳواڻ انهن جي جدوجهد تي هٿ سيڪيندا رهيا.

کاٻي ڌر جي اهڙي سياست لاءِ سنڌ مان ڄام ساقي ۽ نذيرعباسيءَ جي صورت ۾ ٻه اهڙا ڪارڪن پيدا ٿيا جن جي جدوجهد سندن اڳواڻن کان ڪيئي هزار ڀيرا اتم، اعلى ۽ حقيقي طور تي انقلابي رهي، جنهن ۾ عوام سان وفا ۽ سچائي بنيادي عنصر رهيا.

پاڪستان جيئن ته هڪ مذهبي رياست طور تي وجود ۾ آيو هو ۽ شروع کان ئي وٺي اهڙين سگهارين قوتن جي هٿ ۾ رهيو جن رياست کي مذهبي بنيادن تي هلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ نتيجي ۾ هر اها عوامي جدوجهد جيڪا عوام جا جمهوري حق گهري، پاڪستاني رياست اندر قومن جا حق گهري، سماج جي آزاديءَ جا حق گهري ۽ خاص ڪري رياست اندر رهندڙ پورهيتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري، هر اهڙي جدوجهد شجرء تاريخ ممنوع قرار ڏني وئي، اهڙي سموري صورتحال ۾ هر اها جدوجهد ۽ ڌر عتاب هيٺ آئي جنهن انهيءَ ڏس ۾ جدوجهد ڪئي.

1954ع  ۾ اهڙين ئي سياسي قوتن کي چٿڻ لاءِ پنڊي سازش ڪيس تيار ڪيو وڃي ۽ هڪ سٽيل سازش تي عمل ڪندي ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ سجاد ظهير، نامياري شاعر فيض احمد فيض، ميجر عطا، جنرل اڪبر خان  ۽ ظفر الله پوشني کي جيل جي ديوارن پٺيان قيدي بڻائي بغاوت جي ڪيس ۾ سزائون ڏنيو ن ويون.

عوام دشمن سامراجي ٽولي جي قيادت ۾ 1958ع ڌاري ملڪ ۾ ايوبي آمريت لاڳو ٿي وڃي ٿي ۽ سامراجي قوتون ان وقت جي آمر ايوب کي انقلابين جي رستا روڪ لاءِ ٽاسڪ ڏئي ڇڏين ٿيون.

1960ع ڌاري ڊيمو ڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي ليڊر ڪامريڊ حسن ناصر کي شهيد ڪري سندس لاش غائب ڪيو ويو  ۽ ڪامريڊ حسن ناصر جي قتل تي به پڻ اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته حسن ناصرآپگهات ڪيو آهي، ڪامريڊ حسن ناصر جو موت تاريخ ۾ بورزوا حڪمرانن ۽ جمهوريت جي منهن تي چماٽ آهي

1980 ع ڌاري آمريت جي هڪ ٻئي ڪاري دور جو آغاز ٿئي ٿو ۽ هن دفعي جنرل ضياءَ جي روپ ۾ وري هڪ آمر عوام جي ڪنڌ تي سوار ٿي ويهي ٿو ۽ هڪ دفعو وري ڪميونسٽن، ترقي پسندن، جمھوريت پسند سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي بندشون مڙهي کين جيلن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڊيمو ڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي اڳواڻ ڪامرِيڊ نذيرعباسي کي پڻ ڳجهن ادارن پاران قتل ڪيو وڃي ٿو جنهن جا پيرا ۽ ثبوت ان وقت جي برگيڊيئر امتياز ڏانهن وڃن ٿا.

شهيد نذيرعباسيءَ جي قتل جي فرياد شهيد جي بيواهه ڪامريڊ حميده گهانگهرو رجسٽرڊ ٽپال ذريعي ڊيفينس ٿاڻي ۾ داخل ڪرائي هئي.

شهيد نذيرعباسيءَ جو سياسي سفر کاٻي ڌر جي پليٽ فارم تان هڪ پرجوش انقلابي اڳواڻ جي سفر جهڙو هو، جنهن کي ڄڻ ته انقلاب اکين سامهون نظر ٿي آيو جنهن تائين پهچڻ لاءِ سندس قدم انتهائي برق رفتاريءَ سان وڌندا ٿي رهيا، هو هڪ مثالي انقلابي ڪارڪن، مثالي جدوجهد ڪندڙ ڪارڪن، مثالي تنظيم سازي ڪندڙ ڪارڪن ۽ مثالي نظريي دان ڪارڪن هو، هو پنهنجي وجود ۾ ڪارڪن هوندي به هڪ اعلى اڳواڻ جو سموريون خاصيتون سمائي رکندو هو.

اڄ نذيراسان جي وچ ۾ نه آهي ۽ اڄ سندس جا ڪيئي ساٿي پڻ اسان جي وچ ۾ نه آهن، پر اڄ نذيرجي جدوجهد، نذيرجو نظريو ۽ نذيرجي اميد اسان جي وچ ۾ ضرور آهي، اڄ 17- آڪٽوبر جي تاريخ اسان وٽ تاريخ جي سفر جي بس هڪ تاريخ آهي ۽ نذيرجي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جي هڪ تاريخ آهي، تاريخو ن بهادر، سورهين ۽ سورمن جي حوالن لاءِ ڪتب اينديون آهن ۽ تاريخ انقلابن ۽ آزادين جي ڏينهن جي اعلانن لاءِ هونديون آهن ۽ اهڙي ئي هڪ تاريخ نذيرعباسيءَ جي انقلابي خواب جي ساڀيا لاءِ منتظر آهي.

خميس 9 آگسٽ 2018ع، 26 ذوالقعد 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے