19 پیر , نومبر 2018

نه ڪير اين آر او ڏيڻ چاهي ٿو ۽ نه ڪير وٺڻ چاهي ٿو: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته اين آر او بابت ڪا ڳالهه ٻولهه نه پئي هلي، نه ڪو اين آر او ڏيڻ چاهي ۽ نه ڪو وٺڻ چاهي ٿو. اڊيالا جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف، ڪيپٽن (ر) صفدر، مريم ۽ حنيف عباسي سان ملاقات ٿي، سڀني جي حوصلا بلند آهن. هن چيو ته نواز شريف جو جيل ۾ قيد قوم لاءِ وڏي قرباني آهي، هو لنڊن ۾ بيمار گهرواري کي خدا حافظ چئي آيو، کيس خبر هئي قيد ڪاٽڻو پوندو، تنهن ڪري هو پنهنجي ذات لاءِ نه پر قوم لاءِ آيو هو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڌانڌلي واري چونڊ ٿي آهي، چونڊن کان اڳ به پري پول ڌانڌلي ٿي، 25 جولاءِ تي ڌانڌلي ٿي، اڄ صورتحال اها آهي ته چونڊون کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ، ٻئي سراپا احتجاج آهن. سندس چوڻ هو ته ڌانڌلي جو گوڙ رڳو پاڪستان ۾ ئي نه پر ٻاهرين ملڪ ميڊيا ۾ به آهي، قوم ڌانڌلي وارين چونڊن کي رد ڪيو، ڪالهه سمورين پارٽين پرامن احتجاج ڪيو، موسم جي خرابي سبب مان احتجاج ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس، اهو پهريون احتجاج نه هو، اڳتي به اهڙا احتجاج ٿيندا. شهباز شريف چيو ته ڌانڌلي تي اسيمبلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ سڀ پارٽيون ان تي پنهنجي راءِ ڏينديون، اسان اسيمبلي ۾ چونڊن جي حوالي سان مبارڪ ڏيڻ نه وينداسين پر اهو ڌانڌلي جي جاچ جو پهريون مطالبو هوندو. اين آر او بابت سوال جي جواب ۾ ن ليگ صدر جو چوڻ هو ته ڳالهين کانسواءِ دنيا جيئري نٿي رهي سگهي پر ڪو اين آر او نه پيو ٿئي، نه ڪير اين آر او ڏيڻ چاهي ٿو ۽ نه ڪو وٺڻ چاهي ٿو، ان حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے