22 پیر , اکتوبر 2018

پي سي بي ايوارڊز جو ميلو نوجوانن لُٽي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سالياني ايوارڊز ۾ نوجوان رانديگرن گهڻا ايوارڊ کٽي ميدان ماري ورتو، جڏهن ته سينيئر رانديگرن شعيب ملڪ، محمد عامر، محمد حفيظ ۽ ياسر شاهه جي حصي ۾ ڪجهه نه آيو. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ٿيل تقريب ۾ شاهد آفريدي سميت ٻين اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي به انعامن سان نوازيو ويو. امتياز احمد اسپرٽ ايوارڊ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کي 10 لک رپين سان گڏ مليو، هن پنهنجو ايوارڊ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي هٿان وصول ڪيو. سال جي بهترين ٽيسٽ ڪرڪيٽر لاءِ فاسٽ بالر محمد عباس کي چونڊيو ويو، جنهن کي هلندڙ سال ٽيسٽ ميچن ۾ 27 وڪيٽون حاصل ڪرڻ عيوض ايوارڊ سان نوازيو ويو. سال جي بهترين ون ڊي ڪرڪيٽر جو ايوارڊ حسن علي، بهترين ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽر جو ايوارڊ بابر اعظم، بهترين وومين ون ڊي رانديگرياڻي جو ايوارڊ ثنا مير ۽ بهترين ٽي ٽوئنٽي رانديگرياڻي جو ايوارڊ جويريا خان کي ڏنو ويو. سال جي بهترين ايمرجنگ رانديگر جو اعزاز فهيم اشرف ۽ بهترين ايمرجنگ رانديگرياڻي جو اعزاز ڊيانا بيگ پنهنجي نالي ڪيو. انهن سمورن رانديگرن کي 6-6 لک رپيا به مليا. سال جو بهترين ڊوميسٽڪ بيٽسمين شان مسعود، بهترين ڊوميسٽڪ بالر اعزاز چيما ۽ بهترين وڪيٽ ڪيپر ڪامران اڪمل کي قرار ڏنو ويو. سال جي بهترين ڊوميسٽڪ بيٽر جويريا خان، بهترين بالر ڊيانا بيگ ۽ بهترين وڪيٽ ڪيپر سدرا نواز کي قرار ڏنو ويو. بلائينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ عامر اشفاق کي سال جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. سال جي بهترين ڊس ايبلڊ ڪرڪيٽر جو ايوارڊ نهار عالم جي حصي ۾ آيو. سال جو بهترين ڊوميسٽڪ اسڪورر اظهر حسين، بهترين ڪيوريٽر پنڊي جو رياض احمد، بهترين امپائر آصف يعقوب، بهترين ميچ ريفري محمد انيس ۽ بهترين ڊوميسٽڪ ڪوچ سجاد اڪبر رهيو. پي ايس ايل ٿري ايليمينيٽر رائونڊ جو ٽاس ڪوائنز 55 هزار، جڏهن ته فائنل ٽاس ڪوائن 65 هزار رپين ۾ نيلام ٿيو. شعيب ملڪ جي ٽي 20 ۾ ٻه هزار رنسن واري بيٽ هڪ لک 63 هزار رپين ۾ نيلام ٿي، سرفراز احمد جا چيمپيئنز ٽرافي وارا گلوز ۽ بيٽ 6 لک رپين ۾ نيلام ٿي، قومي ڪپتان جي بيٽ فخر زمان خريد ڪئي. شاهد آفريدي ايڌي فائونڊيشن لاءِ 50 لک رپيا ۽ فيصل ايڌي شاهد آفريدي فائونڊيشن لاءِ 50 لک رپيا خيرات طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

احمد شهزاد منهنجو آئيڊيل ناهي رهيو: صاحبزادا فرحان

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي خلاف ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ اوپننگ بيٽسمين صاحبزادا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے