19 پیر , نومبر 2018

کدڙن فقيرن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کدڙن فقيرن جي حق جو تحفظ ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن کدڙن فقيرن جي حقن بابت ٿيل سيمينار ۾ خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ کدڙا فقير معاشرتي مسئلن جو  شڪار آهن، انهن سان سٺو ورتاءُ ناهي ڪيو ويندو. هن چيو ته کدڙن فقيرن کي به عام انسانن وارا حق حاصل آهن، کين ووٽ جو حق اڳ ئي ڏنو ويو آهي، وڌيڪ حق به ڏينداسين. چيف جسٽس چيو ته انساني حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، بنيادي طور الله سمورن انسانن کي برابر ٺاهيو آهي، خاطري ڪرايان ٿو ته کدڙن فقيرن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين. ثاقب نثار چيو ته کدڙن فقيرن جي حقن جي پاسداري عدالت عظميٰ جي ذميوارين ۾ شامل آهي، مون لاءِ فخر جي ڳالهه هوندي ته کدڙن فقيرن لاءِ ڪجهه ڪيان.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن، ڪراچي جي مشهور لنڊا بازار جا دڪان به خالي ٿيڻ شروع

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي لائيٽ هائوس ۽آرام باغ ۾ حددخلين خلاف آپريشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے