17 ہفتہ , نومبر 2018

حمائما ملڪ جو هڪ شخص تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حمائما ملڪ الزام مڙهيو آهي ته کيس لاهور جي هڪ نجي هوٽل ۾ هراسان ڪيو ويو. حمائما ملڪ هراسان ڪندڙ شخص جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي پر هن ٻڌايو ته هراسان ڪندڙ هوٽل ۾ منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهيل هو. حمائما ملڪ سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته هراسان ڪندڙ شخص رات 2 وڳي بزنس ميٽنگ جي آڙ ۾ ملاقات جو نياپو موڪليو، هن مون کي ڪمري ۾ روئندي محسوس ڪيو ته همدردي جو اظهار ڪيائين ۽ مون کي چيائين ته مان توهان لاءِ فڪرمند آهيان، توهان چاهيو ته اسان ٻاهر هلي سگهون ٿا. حمائما ملڪ سوشل ميڊيا تي هراسان ڪندڙ شخص جا ميسيج به شيئر ڪيا. اداڪارا لاهور جي نجي هوٽل جي انتظاميا کي غفلت جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته انتظاميا پرائيويسي پاليسي جي بخيا اڊيڙيندي ڄاڻي واڻي منهنجو نمبر هوٽل ۾ ئي رهندڙ هڪ ٻئي شخص کي فراهم ڪري ڇڏيو. حمائما ملڪ موجب خاموشي ٽوڙڻ جو هي مناسب وقت آهي، پڙهيل لکيل طبقو به هراسمينٽ جو مسئلو معمولي سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Deepika Padukone’s engagement ring is as lavish as her wedding. See pics

رنوير طرفان پنهنجي ڪنوار دپيڪا کي ڏنل پهرين تحفي جا چرچا

ممبئي ( شوبز نيوز ) رنوير سنگهه پنهنجي ڪنوار دپيڪا پڊڪون کي قيمتي منڊيءَ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے