17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: قمبر: باگڙي برادري پاران موري ۾شريمتي ميوي جي قتل خلاف ريلي، ڌرڻو

Qambar: The Baigal community, against the killing of Mauritius-based, rally, earthquake*قمبر جي باگڙي برادري پاران موري ۾شريمتي ميوي جي قتل ۽ احتجاج ڪندڙن تي تشدد خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

بيبي باگڙياڻي، لال ڪمار ۽ روپ چند سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ باگڙي بردارين جي عورتن ۽ مردن غوشاله پاڙي کان مختيارڪار آفيس تائين ريلي ڪڍي موري پوليس خلاف نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته اقليتي برادري سان ڏاڍ ۽ ظلم جي انتها ڪري پوليس مٿن وحشياڻو تشدد ڪيو آهي.

 هنن چيو ته اقليتي برادري جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ملڪ جي آئين ۽ منشور ۾ شامل آهي پر ان جي ابتڙ پوليس سندن عورتن مردن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ڪيو.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شرميتي ميوي جا اصل قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏين، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا……

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے