15 جمعرات , نومبر 2018

حسين لوائي کي دل جو دورو، اسپتال منتقل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ڪيس جي جوابدار اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي دوست حسين لوائي کي دل جو دورو پيو آهي، جنهن سبب کيس دل جي مرضن بابت قومي اداري (اين آءِ سي وي ڊي) منتقل ڪيو ويو آهي. حسين لوائي جي وڪيل ايڊووڪيٽ شوڪت حيات موجب مان حسين لوائي لاءِ اڳ ئي ڊاڪٽر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، ايف آءِ اي طرفان في الحال حسين لوائي سان ملاقات جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽرن حسين لوائي کي آءِ سي يو منتقل ڪيو آهي، جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي، ڊاڪٽر ان ڳالهه جي تصديق نه پيا ڪن ته حسين لوائي کي ڪيستائين اسپتال ۾ رکڻو آهي. واضح رهي ته حسين لوائي کي ايف آءِ اي مختلف بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ انهن ۾ غير قانوني رقم جي منتقلي بابت سهولت ڪاري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي جو ويلڊر دبئي ۾ ملڪيت جو مالڪ نڪتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نشتر روڊ تي لوهه جي دروازن ۽ ڄاري جي ڪم ڪندڙ ويلڊر عمران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے