20 منگل , نومبر 2018

نيوز: سڳيون: پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف ٽئين ڏينهن به ڌرڻو

Sagyoon: On the third day against the flood-populated water supply*سڳيون ۾ پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ  خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

عاشق قريشي، علي محمد ۽ ڪامريڊ شريف سميت ٻين جي اڳواڻي ۾کرل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ تي ايريگيشن کاتي جي ايس ڊي او خلاف نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن الزام هنيو ته کرل شاخ جي منڍ جي آبادگارن کان ايريگيشن کاتي جو ايس ڊي او ۽ داروغو رشوت وٺي شاخ کي غير قانوني بند هڻائي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪرائي ڇڏين ٿا.

هنن چيو ته شاخ کي غير قانوني طور تي بند ڪرڻ جو سلسلو روز جو معمول بڻيل آهي، پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي نه پهچڻ سبب فضل سڙي تباھ ٿي رهيا آهن جنهن سبب وڏو نقصان ٿي رهيو آهي.

آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ڪرپشن ڪندڙ آبپاشي کاتي جا عملدار هٽائي پاڻي کوٽ ختم ڪن….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے