14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: سانگهڙ: ٻه هفتا اڳ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل  نوجوان انجيڪشن نه لڳڻ سبب فوت

Sanghar: Two weeks ago, the old youth of Chhattisgarh died due to lack of incentives*سانگهڙ ۾ ٻه هفتا اڳ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل  نوجوان وقت سر  انجيڪشن نه لڳڻ سبب دم ڏنو، جڏهن ته سڄاڻ ڌرين اسپتال انتظاميه کي نوجوان جي موت جو  ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو.

ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل المنصوره ڪالوني واسي  20  ورهين جو  ڪاشف مغل سول اسپتال سانگهڙ  ۾ فوت ٿي ويو.

اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين نه هجڻ سبب  شهدادپور جي اسپتال مان گهرائي کيس لڳائي وئي پر وقت نه سر نه لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو.

ويڪسين لڳڻ باوجود زخمي نوجوان جي طبيعت م بهتري نه آئي، جيڪو  زهر ڦهلجڻ سبب دم ڏنو.

سانگهڙ جي سول سوسائٽي ۽ شهرين  واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته  سانگهڙ جو صحت کاتو نوجوان جي  مو جو ذميوار آهي.

هنن چيو ته  ڪيترن ئي سالن کان ڪتا مار مهم شروع ناهي ٿي سگهي، جنهن سبب معصوم ٻار ۽ والدين خوف  ۾ ورتل آهن.

اڳواڻن سنڌ حڪومت کي واقعي جو نوٽيس وٺڻ  جو مطالبو ڪندي چيو ته نوجوان جي موت بابت   جانچ ڪميٽي جوڙي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے