16 جمعہ , نومبر 2018

صدر ممنون حسين قومي اسمبليءَ جو اجلاس 13 آگسٽ تي صبح 10 هين وڳي طلب ڪري ورتو

President Mamnoon Hussain convened the National Assembly session on 13th August 10 at the same timeاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت ممنون حسين قومي اسمبلي جو اجلاس 13 آگسٽ تي صبح 10 هين وڳي طلب ڪري ورتو. 25 جولائي تي 2018 جي ٿيندڙ عام چونڊن جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد ملڪ ۾ هاڻ اقتدار جي منتقلي وارو مرحلو شروع ٿيندو. 8 آگسٽ تي نگران وزيراعظم جسٽس(ر) ناصر الملڪ کي اسمبلي جو اجلاس سڏائڻ جي سمري موڪلي وئي هئي، جنهن ۾ اجلاس 12 کان 14 اگسٽ جي وچ ۾ سڏائڻ جو چيو ويو هو. نگران وزيراعظم نئين چونڊيل اسمبلي جو پهريون اجلاس 13 آگسٽ تي سڏائڻ جي سفارش ڪئي، جنهن لاءِ سمري منظوري لاءِ صدر مملڪت کي موڪلي وئي هئي. صدر ممنون حسين گذريل ڏينهن سمري منظوري ڪندي ان کي پارلياماني معاملن ڏانهن اُماڻيو هو. 13 آگسٽ  تي ٿيندڙ پهرين اجلاس ۾ نوان چونڊيل اسمبلي ميمبر حلف کڻندا جڏهن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ پڻ ڪئي ويندي. ٻئي پاسي ڪي پي ڪي اسمبلي جو اجلاس پڻ 13 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتساب عدالت نواز شريف جي ٽرائل جي مدي ۾ واڌ لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ٽرائل جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے