23 منگل , اکتوبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ايس 85 دادو تي اميدوار جي درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ حددبندين بدلي ڪرڻ جي حوالي سان داخل درخواست غير موثراتي ٿيڻ کان پوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي آهي .درخواست گذار واجد خشڪ پنهنجي وڪيل پير مظهر الحق جي معرفت چيو ته منهنجو تڪ پي ايس 85 دادو جي بجاءِ پي ايس 86 جوهي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ،جنهن ڪري منهنجا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا .ان ڪري عدالت کان درخواست آهي ته ان جي پراڻي حدبندي بحال ڪئي وڃي .عدالت ۾ سرڪاري وڪيل چيو ته جيڪڏهن ان کي اجازت ملي وئي ته ڪامياب اميدوار جي ڪاميابي تي فيصلو اثر انداز ٿي ويندو .عدالت چيو اوهان کي پهرين اچڻ گهرجي ها .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن: مراد علي شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے