23 منگل , اکتوبر 2018

ڌانڌلين خلاف احتجاج، سپريم ڪورٽ جو ڳڻپ روڪڻ سواليه آهي: گڏيل مخالف ڌر

Karachi: Supreme court ordered for re-election on NA 60 constituentڪراچي (رپورٽر)جي يو آءِ ف ۽ اي اين پي پاران چيف اليڪشن ڪمشنرکي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي .صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران جي يو آءِ ف ۽ اي اين پي پاران چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خلاف  احتجاج ڪيو ويو. راشد محمود سومري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن آفيس اڳيان احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومري چيو ته 25 جولاءِ وارن چونڊن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، هي نتيجا امپائر ۽ ڪپتان پاڻ ۾ ملي گڏجي ٺاهيا آهن، جن کي قبول نه ٿا ڪريون. هن چيو ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي ميمبرن اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس اڳيان ڌانڌلين خلاف احتجاج ڪيو هو، ڪالهه صوبائي اسيمبلي جا ميمبر اليڪشن ڪميشن آفيسن اڳيان احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جستائين چونڊون رد ڪري ٻيهر صاف  ۽ شفاف چونڊون نه ڪرايون وينديون، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.راشد محمود سومري چيو ته اسان ان الڪيشن کي رد ڪندي 14آگسٽ تي جدوجهد آزادي ملهائينداسين. .عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي سيڪريٽري جنرل يونس بونيري چيو آهي ته اسان جو مينڊيٽ چوري ڪري هڪ مخصوص پارٽي کي ڏنو ويو آهي .هن چيو اسان اهڙي اليڪشن کي قبول نٿا ڪري سگهيون .ان کان اڳ پوليس جي وڌيڪ نفري صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران موجود هئا .جڏهن ته پوليس جي بڪتربند گاڏيون ۽واٽرڪينٽن به صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهر موجود هئا .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ڪوئلي جا وڏا ذخيرا موجود آهن: مراد علي شاهه

 ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے