17 ہفتہ , نومبر 2018

عمران خان جي ڪرسي۽ اپوزيشن

غلام مصطفيٰ جمالي

عمران خان وزيراعظم ٿيندو ۽ اقتدار جي ڪرسي ضرور سنڀاليندوپر.! عمران خان جي سياست ۾ ڪو اهڙو به وقت ٿيندو جڏهن عمران خان جي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ به مشڪل هوندو ته هوُ پنهنجي نظريي تي قائم رهي يا نه.؟ جنهن نظريي طور هن عوام کان ووٽ ورتو  ۽ وزيراعظم چونڊجي آيو آهي. انهيءَ ڪري چئي رهيو آهيان ته عمران خان جي مرڪز ۾ ايتري وڏي اڪثريت ناهي ڇو ته عمران خان جي مرڪز ۾ سادي اڪثريت آهي جڏهن ته ان ۾ به ايم ڪيو ايم،بي اين پي ۽ ڪنهن حد تائين مسلم ليگ ق جي اميدوارن کي پنهنجي پنهنجي مرضي تي خوش رکڻ به عمران خان لاءِ تمام گهڻو ڏکيو هوندو ٻئي پاسي عمران خان جي سامهون اپوزيشن تمام گهڻي مضبوط آهي جنهن پوري تياري ڪري ڇڏي آهي ته عمران خان جئين وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهي ته ان لاءِ مسئلا پيدا ڪيون. ڇو ته اها به ڳالهه هڪ حقيقت آهي ته عمران خان وزيراعظم ٿيندو ته اپوزيشن وري ڪهڙِي کانس خوش هوندي.؟ اها به عمران خان جي هر فيصلي کي اشو بڻائي ڪري سامهون آڻيندي ۽ اپوزيشن انهي تلاش ۾ هوندي ته عمران خان کان ڪا غلطي ٿئي ۽ انهي غلطي کي سامهون رکي ڪري عمران خان لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون. آئون سمجهان ته عمران خان لاءِ اهڙو وقت نه اچي. ۽ جيڪڏهن عمران خان لاءِ اهڙو وقت آيو ته عمران خان کي پاڻ سنڀالڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي پوندو ۽ عمران خان لاءِ اهو وقت زوال جي شروعات جو سبب بڻبو.پراها به حقيقت آهي ته عمران خان پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ وڃي رهيو آهي ۽ عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ ترقي ڪري انهيءَ ڪري عمران خان کي هڪڙو موقعو ڏنو وڃي ته هو پنهنجي مرضي جي حڪومت هلائي جئين پاڪستان جي عوام کي به اها خبر پئجي سگهي ته عمران خان جيڪو عوام سان تبديلي وارو وعدو ڪيو هو.

انهيءَ تبديلي واري نعري ۾ عمران خان ڪيترو ڪامياب ويو آهي جڏهن ته عمران خان انهي تبديلي واري ڳالهه کي وٺي ڪري پاڪستان ۾ 22سالن کي سياست جي جهدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت تائين انهي جهدوجهد تي قائم آهي ۽ ڪامياب به ويو آهي. جنهن جو ثبوت هن اليڪشن ۾ عوام ڏسي چڪو آهي ته عوام وڏي اڪثريت سان عوام کي ووٽ ڏنو ۽ کيس ڪامياب ڪري پاڪستان جي وزيراعظم واري ڪرسي تي ويهاريو جڏهن ته انهيءَ الڪيشن کي وٺي ڪري پاڪستان جون ڪيترون سياسي جماعتون اهو چئي رهيو آهي ته الڪيشن ۾ وڏي ڌانڌلي ٿي آهي انهي ڪري اسان انهي الڪيشن ڪميشن واري نتيجن کي تسليم نه ٿا ڪيون. جڏهن ته چونڊ نتيجن کي وٺي ڪري پاڪستان جي سياست ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن، جعميت علماءِ اسلام،جماعت اسلامي،۽ ٻيون سياسي جماعتون ڌرڻا جلسوس ڪڍي رهيو آهن جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پي پي اڳواڻ قمرزمان قاهره،۽ خورشيد شاهه، ۽ شرين رحمان جي اڳواڻي ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس اڳيان ڌرڻو پڻ هنيو آهي پر پاڪستان جي سياست جو اهو اهم حصو آهي ته الڪيشن ڀلي ڪهڙي حال ۾ ٿيون هجن پر سياسي پارٽِيون انهي الڪيشن کي تسليم گهٽ ڪنديون آهن انڪري هن اليڪشن ۾ به سياسي پارٽين جو ڪجهه اهڙو ئي حال آهي.هن وقت پاڪستان جي سياست کي وٺِي ڪري عمران خان جا وڏا چرچا هلي رهيا آهن هڪڙي پاسي عمران خان چئي رهيو آهي ته هوُ سادگي وارو وزيراعظم ٿيندو.

 

ٻئي پاسي عمران خان کي اقتدار ملڻ کان پهرين مٿس وڏا بحث هلي رهيا آهن ڇو ته بني گالا جي ميرٽ هوٽل کان وٺي ڪري اسلام آباد تائين کيس جيڪو پروٽول ڪول ڏنو ويو انهيءَ کي سامهون رکي ڪري به اپوزِيشن وارن تمام گهڻو گوڙ ڪيو ۽ ڳالهه ايتري حد تائين وڃِي پهتي جو عمران خان کي نيٺ اهو چوڻو پيو ته عمران خان کي اهڙي رپوٽوڪول جي ضرورت ناهي ۽ عمران خان نگران حڪومت جي ڏنل پروٽول تي ناراضگي پڻ ظاهر ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن جڏهن عمران خان پشاور ويو ته اتي هن پيدل سفر ڪيو انهي ڪري هاڻي سجيدگي سان واسطو رکندڙ طبقو اهو سوچي رهيو آهي ته آخرڪار  پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ انصاف جو ڇا ٿيندو.؟جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اهو به چاهين ٿا ۽ اپوزيشن کان اهو مطالبو به ڪن ٿا ته عمران خان جي سياست کي پنج سالن تائين هلڻ ڏنو وڃي.

 

هڪ طرف اپوزِيشن آهي ته ٻئي پاسي عمران خان پنهنجي لاءِ خد مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن ڇو ته عمران خان جيڪو ووٽ ڪاسٽ ڪيو هو اهو سري عام ڪاسٽ ڪيو جيڪو باضط اخلاق جي بلڪل به خلاف ورزي آهي شايد انهي ڪري الڪيشن ڪميشن راولپبنڊي ۽ لاهور ۾ عمران خان جا ڪامياب نتيجا روڪي ڇڏيا آهن جڏهن ته لاهور واري حلقي تي نتيجا سعد رفيق جي درخواست تي پڻ روڪيا ويا آهن انهيءَ ڪري اليڪشن ڪميشن جو تازو فيصلو اچڻ وارو آهي انهي ڪري ڏسڻو هاڻ اهو آهي ته هاڻي اسلام آباد ۾ ڇا ٿو ٿئي.پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه پڻ اهو چيو آهي ته اسان عمران خان جي سئو ڏينهن ڏينداسين ۽ جيڪڏهن انهن ڏينهن ۾ عمران خان ڪجهه ڪري سگهيو ته واهه نه ته پوءِ کيس ٽف ٽائيم ڏنو ويندو انڪري ته سئو ڏينهن ۾ جيڪڏهن عمران خان ڏينهن رات محنت ڪري ۽ ڪجهه نواڻ آڻي ته به نٿو چئي سگهجي ته عمران خان جي اهڙي ڪارنامي کانپوءِ به اپوزيشن خوش رهي ڇو ته سئو ڏينهن ته اک ڇنڀ ۾ گذري ويندا آهن پر اها به حقيقت آهي ته جڏهن عمران خان اسميمبلي ۾ اچي تقرير ڪندو ته ان وقت سموري ماحول کي خبر پئجي ويندي ڇو ته اپوزيشن ۽ عمران خان جي وچ ۾ ڀلي ڪهڙو ئي ماحول هلندو رهي پر عوام کي صرف ۽ صرف رليف گهرجي ٿو انهيءَ ڪري عمران خان لاءِ ضروري اهو هوندو ته هوُ عوام کي ڪيترو مطمعين ڪري ٿو سگهي ۽ اهو به هڪ وڏو سوال هوندو ته عمران خان جي ڳالهين سان عوام ڪڏهن به راضي نه ٿيندي ڇو ته عمران خان پنهنجي منشور ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪري چڪو آهي ۽ ڳالهه رڳو پيٽرول ۽ بجلي سستي ڪرڻ جي ناهي، ڳالهه آهي اصول جي ۽ انهن منشور کي اصلي جامو پارائڻ جي جيڪو جو واعدو عمران خان عوام سان ڪري چڪو آهي. هن وقت عوام جون سموريون نظرون عمران خان جي طرف آهي ته عمران ڪڏهن ٿو پاڪستان جي وزيراعظم واري ڪرسي کي سنڀالي ۽ ڪڏهن ته عوام جي اهنجن کي هلڪو ڪري.جڏهن ته اهو ڏسڻ ۾ نه اچي رهيو آهي ڇو ته ڪالهه عمران خان جيڪو اعلان ڪيو آهي ته هو وزيراعظم هائوس ۾ نه رهندو ۽ پنجاب هائوس ۾ رهندو اوهانکي اهو پڙهي ڪرنٽ لڳندو ته ڇا پنجاب هائوس ڪا معمولي جاءِ آهي جنهن ۾ عمران خان رهندو انڪري اوهانکي ٻڌائيندو هلان ته پنجاب هائوس ته حسين نظارن کان گهٽ ناهي. دنيا جون سموريون خوبصورت شيون پنجاب هائوس ۾ موجود آهن جڏهن ته وزيراعليٰ پنجاب وزيراعظم هائوس کان به بهترآهي پنجاب هائوس منطور وٽو بطور وزيراعليٰ 1993ع ۾ تعمير ڪرايو هو جنهن ۾ وي وي آءِ پيز منزل ۽ ڇهه ايگزيڪٽوسوئيٽ آهن جڏهن ته پنجاب هائوس ته سڀ کان وڏي منزل جنهن کي وي وي آءِ پي منزل چيو ويندو آهي جنهن جو ڪمرو عاليشان فرش ۽ ٽائس سان ٺاهيو ويو آهي جتان حسين جبلن جو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو الميو !

امير ڀنڀرو سڄي دنيا ۾ جتي انسانن جو نالو اچي ٿو اتي انهن جي حقن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے