21 بدھ , نومبر 2018

قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ بشير خان قريشي

قادر سنڌي

10 آگسٽ 1959 تي رتوديرو شهر جي موٽڻ پور محلي ۾ رهندڙ غلام مرتضي قريشي جي گهر ۾ اک کولي، جڏهن ته سال 1974ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديري مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سي اينڊس ڪاليج شڪارپور ۾ داخلا ورتائين ۽ 1976 ۾ انٽر شڪارپور ڪاليج مان پاس ڪئي جنهن کان پوءِ 1976 ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو 1980 ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جساف زرعي يونيورسٽي يونٽ جو صدر چونڊيو ويو، 1981 ۾ کيس زرعي يونيورسٽي يونٽ مان هڪ سال جي لاءِ ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو 1982 ۾ هيءَ جساف جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو ۽ چئن سالن بعد 1986 ۾ کيس جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو 1990 تائين وري ساڳئي عهدي تي چونڊيو ويو 1976 کان وٺي 1995 تائين هن سموري سياسي ۽ نظرياتي تربيت سائين جي ايم سيد جي ويجهڙائپ ۾ رهندي ٿي.

25 اپريل 1995 ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم ) قائم ڪئي وئي ان وقت هو جيل ۾ هيو پر پوءِ به کيس ان جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو 1996 ۾ کيس جسقم جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ 1998 ۾ کيس جسقم جو چيئرمين چونڊيو ويو جنهن عهدي تي هي پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين قائم رهيو.

 

سنڌ جي هن بهادر اڳواڻ کي ڪيترا ڀيرا گرفتار به ڪيو ويو هن کي پهريون ڀيرو ٽنڊو ڄام جي پوليس 1978 ۾ گرفتار ڪيو ۽ هن کي ٻيو دفعو 15 جنوري 1985 تي رتوديرو مان گرفتار ڪيو ويو هيو هي حيدرآباد جيل ۾ ڪيتري عرصي تائين بند وارڊ پڻ رهيو. هن کي ان وقت جي ملٽري ڪورٽ هڪ سال ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا پڻ ڏني هئي جنهن تي عمل به ڪيو ويو پر کيس آگسٽ 1986 ۾ آزاد ڪيو ويو، هن کي وري 11 آگسٽ 1988 ۾ سنڌ ۾ ٿيل نسلي جهڳڙن دوران گرفتار ڪيو ويو هن ڀيري کيس 18 مهينن تائين جيل ۾ رکيو ويو ۽ 2 جنوري 1994 تي ٻيهرگرفتار ڪيو ويو ۽ ٻن سالن تائين جيل ۾ رهيو 17 جنوري 1999 تي وري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال جي نومبر مهيني ۾ کيس آزاد ڪيو ويو، هن کي آخري ڀيرو 15 سيٽمبر 2011 تي هٿيار رکڻ جي ڪوڙي الزام هيٺ ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو هيو ۽ ٽن ڌينهن کانپوءِ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ويو،  اهڙي طرح هي مجموعي طور تي پنهنجي زندگي جا 6 سال 10 مهينا جيل ۾ رهيو هن کي هميشه سنڌ جي حقن لاءِ وڙهڻ ڪري گرفتار ڪيو ويو هن کي تڪليفون ڏنيون ويون پر پوءِ نه هوءُ سنڌ خلاف ٿيندڙ نا انصافين خلاف چپ ڪري نه ويٺو.

 

بشير خان قريشي قومپرست سياست جو وڏو نالو هيو جنهن کي ڪارڪن پيار منجهان "وڏو” پڻ سڏائيندا هئا، بشير خان قريشي، پاڻ کي اصل ۾ خان نه سڏرائيندو هو بس ڪارڪنن جي محبت کيس خان جو لقب بخشي ڇڏيو، عبدالواحد آريسر کيس ابو جهاد پڻ ڪوٺيندو هو جنهن قومي اڳواڻ ۾ اهي سڀ ڳالهيون ڏسي ورتيون هيون ته هي اهو اڳواڻ آهي جيڪو سنڌ سان آخر تائين نڀائيندو، جئين ڪنهن شاعر لکيو آهي ته اڳتي وڌندو، پرتي ڪِرندو، دشمن ڇهندو، ڇهندي ٻرندو،

بجلي وارا جھٽڪا آهيون، ڏاڍا اوکا ويڙها آهيون

 

سائين جي ايم سيد کانپوءِ ايئن لڳي رهيو ته سنڌ جي قومپرست سياست کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويندو، ۽ سياسي پنڊتن جو به اهو ئي چوڻ هو ته قومپرست سياست، ختم ٿي چڪي آهي، پر بشير خان قريشي انهيءَ سائين جي ايم سيد جي پروفائيل کي اڳتي کڻي هليو، جيڪو قومپرست سياست لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو پڻ ثابت ٿيو، اهو، سنڌ جو ارڏو پٽ، جنهن لطيف جي انهيءَ بيت تي، هلي ڏسيو، تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي متان ٿئي اونداه پير نه لهين پرينء جو، ان وقت بشير خان قريشي ڄاڻي ورتو هو ته هن وقت ماٺ ڪري نٿو ويهي سگهجي ان لاءِ بشير خان پاڻ ملهايو، سنڌ جي شهرن ۾ لکن جي تعداد ۾، ماڻهو گڏ ڪري اهو ثابت ڪيو تہ اسين شعور آهيون اسين بغاوتون ڪري ڄاڻون ٿا!جئين ڪنهن شاعر لکيو آهي ته

 

رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي​

منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي​

 

سيد جي فڪر سان سلهاڙيل سنڌ جو ارڏي پٽ جيلن ۾ ڪيتريون ئي سختيون سَٺيون پر پوءِ به ان جا ارادا هماليه جيان اُچا رهيا، پوءِ سندس جا اردا اٽل رهيا ۽ نظرون سنڌ ڌرتيءَ تي اٽڪيل رهيون، پوءِ به قوم لاءِ تڙپندو رهيو، بشير خان قريشي، کي هر ماڻهوءَ محبت ۽ عزت ڏيندو هو، بشير خان جڏهن ڪنهن به گهٽي مان لنگهندو هو ته سندس بزرگ به پاڻ اچي ملندا هُيس، بشير خان قريشي لاءِ بي سهارا امڙين جو سهارو هو، ڪيترا ئي سنڌ جا نوجوان گم ڪيا ويا، گم ٿيل ڪارڪنن جي امڙيون هن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي رئنديون هيون، انهن لاءِ انهن جو اهو پث هوندو هو، بشير خان قريشي جيڪو، پاڻ ته هڪ اهڙي عظيم شخصيت هو جنهن سياسي هلچل ملڪ ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو هو جنهن پرکي ورتو هو ته روڊن تي نڪرڻ سان ئي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ان لاءِ بشير خان قريشي پاڻ اُٿي کڙو ٿيو ۽ قومي ڪارڪنن کي سڏ ڪيائين ته اچو ته سنڌ ڌرتيءَ سان ناانصافين خلاف جدوجهد ڪيون، بشير خان قومپرست سياست کي عبادت سمجهندو هو، جتي عقل کٽي اتان عشق ڦٽي وارو مثال بشير خان سان ٺهڪي ٿو. هو ان واٽ جو پانڌيئڙو آهي جنهن تي هلندڙ انقلابين وقت جا حاڪم قيد ڪريو ڇڏين.

سي ماڻهون مور نه مرڻا آهن، سي ويس مٽائي ورڻا آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي وچن: سنڌڙيءَ جا سڀ ٻار پڙهن

سدا حيات جلباڻي ننڍڙا ٻار اکين جو ٺار ۽ هيئين جو هار ٿين ٿا. ٻارڙا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے