16 جمعہ , نومبر 2018

روشن خيال سياست جي رستا روڪ جا نتيجا

  سجاد  ظهير

پاڪستان ۾ شاگرد سياست هاڻي ان معنيٰ ۾ ناهي رهي ، جيڪا سياست ادارن جي صورت فرد تيار ڪندي هئي .جيڪي شاگرد اڳواڻ سماج ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ انقلابي فڪر جي پرچار ڪندا هئا، اڄ اهي ماٺ آهن يا اهي ان جڳهه تي پهتا آهن انهن لاءِ شاگرد سياست ڪابه اهميت نه ٿي رکي. ماضي ۾شاگرد سياست عظيم ڏاها پيدا ڪيا حال جي سياست ساڳي خطي ۾ لاٺڙين جي ڊگهي قطار پيدا ڪئي جيڪي فقط ڏوهن جي تاريخ رقم ڪندا رهيا .ماضي جا اهي شاگرد ليڊر جيڪي هاڻي پنهنجن گهرن ۾ شاگرد سياست تي ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهن ،جيڪڏهن ڪابه راءِ ڏني وڃي ٿي ته اها سياست جي ابتڙ ته شاگرد سياست تعليمي ادارن کي تباهه ڪيو آهي. تاريخ جو هڪ تسلسل آهي جڏهن پڙهيل ماڻهون خاموش ٿي ڪنڊ ۾ ويهي فقط پنهنجي ماضي جا گيت ڳائيندا ته پوءِ تاريخ انهن جي هوندي جيڪي ميدان م هوندا اهي پوءِ سياستدان هجن يا بنيادپرست دور انهن جو ليکيو ويندو جيڪي ان خال کي پورو ڪندا .اڄ ملڪ ۾ کاٻي ڌر جي ڪا وڏي اٿل پٿل شاگرد سياست نالي ڪابه چر پر نظر نه پئي اچي.

اهڙي وقت ۾ شهيد نذير عباسي جي شهادت کان پوءِ ملڪ ۾ ان سياست خاص ڪري سنڌ ۾ نظرياتي سياست تي لکڻ فرض بڻجي وڃي ٿو سوشلزم جي عظيم شهيد ۽ سنڌ جي هن ڪميونسٽ  جي شهادت جنهن شاگرد سياست ۾ هڪ انقلاب کي جنم ڏنو. سموري ملڪ ۾ شعور جي سگهه وڌائي . اڄ اها شاگرد سياست ڇو موجود نه آهي ان تي سوچڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اچو ته ماضي ۾ جهاتي پايون .

پاڪستان جنهن ۾ روشن خيال سياست پنهنجا پيرا مضبوط ڪيا ته هٿ وٺي بيوڪريسي واري سرڪار انهن خلاف رستا روڪ ڪئي .پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي سنڌ اسٽوڊينٽ فيڊريشن شاگردن جي نمائندا جماعت هئي .جيڪا سنڌ جي ترقي پسند شاگردن جي سگهاري تنظيم هئي. جنهن جا ليڊر ڪامريڊ حشوڪيولراماڻي، سوڀو گيان چنداڻي، شيخ اياز، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ گوبند مالهي هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هتي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊينٽ فيڊريشن(DSF) جو بنياد وڌو ويو. ڪراچي جيڪو ورهاڱي کان پهرين شاگرد سياست جو ڳڙهه هو، اهو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ساڳي شاگرد سياست جو ڳڙهه رهيو فرق اهو هو ته ورهاڱي کان پهرين سنڌ اسٽوڊينٽ فيڊريشن هتان جي روشن خيال نوجوانن جي نمائندا تنظيم هئي جڏهن ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ان روايت کي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊينٽ فيڊريشن  قائم رکيو. بنياد پرست قيادت کي خبر هئي ته جيڪڏهن کاٻي ڌر جي تنظيم کي هلڻ ڏنو ويو ته هتي انهن جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو. ڊي ايس ڪراچي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پنهنجا پيرا کوڙيا، ڊائوميڊيڪل ڪاليج هن تنظيم جو ڳڙهه هئو. ڊي ايس ايف جو ڪم تعليم ادارن ۾ تعليم جي بهتري لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ هئو .هيءُ ايجنڊا شاگردن جي خواهش آهر هئي ان لاءِ شاگردن جو هڪ وڏو تعداد ڊي ايس ايف ۾ شامل ٿيڻ لڳو. شاگردن سان پيش ايندڙ مسئلا جهڙوڪ مناسب فيسن، تعليم جو نظام ۽ ٻين کوڙ مسئلن لاءِ شاگردن کي جڙتو جواب نه ملڻ سبب ڪراچي ۾ هڪ شاگر تحريڪ جي لهر اڀري. ڊي ايس ايف جي اڳواڻن پاران شاگردن جي مسئلن تي شاگردن کي گڏڪرڻ شروع ڪيوويو .ان دور جي سرڪار پنهنجي هوڏ تي قائم رهي شاگردن پاران پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي مظاهرا ڪيا ويا. 8 جنوري 1953 تي تي شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ هڪ پرامن جلوس ڪڍيو جنهن تي ان دور جي فاشسٽ حڪومت سڌيون گوليون هلايون جنهن ۾ڪيترائي شاگرد ماريا جڏهن ته ڪجهه شاگرد زخمي پڻ ٿيا .گرفتاريون پڻ عمل ۾ آيون.گرفتار انهن شاگردن پنهنجا پيپر جيلن ۾ قيد ٿي ڏنا .

سن 1954 ع ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊينٽ فيڊريشن تي سرڪار پاران پابندي لڳائي وئي جنهن کان پوءِ نيشنل اسٽوڊينٽ فيڊريشن جو بنياد پيو جنهن نظرياتي سياست جي پيرا مضبوط ڪرڻ ۽ ڊي ايس ايف جي خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي . جنهن ۾ هوءُ ناڪام وئي ستر واري ڏهاڪي ۾ نذير عباسي ۽ ڪجهه ٻيا شاگرد اڳواڻ سنڌ نيشنل اسٽوڊينٽ فيڊريشن جي نالي سان ڪم ڪندا رهيا. نذير عباسي ۽ سندس ساٿي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊينٽ فيڊريشن کي ٻيهر جوڙڻ لاءِ هلچل هلائيندا رهيا. رياست ڏٺو ته هيءُ سرخ انقلاب جي هلچل اڃان به هلندڙ آهي تنهن کان انهن قوتن هٺ وٺي شاگردن ۾ مذهبي سياست جي متڀيد کي هٿي ڏيڻ لاءِ بنياد پرست شاگرد تنظيم جوڙائي. جڏهن ملڪ ۾ ليفٽ زنجيرن ۾ جڪڙيل هئو. حقيقت ۾ هن تنظيم کي کاٻي ڌر جي مقبوليت کي ٽوڙڻ لاءِ ميدان ۾ آندو ويو .رياست ڊنل هئي ۽ هيءُ تنظيم پڻ کاٻي ڌر جي سحر کان واقف هئي ايترو جلدي عوام هن کي قبول ڪين ڪري ها! ان لاءِ رياست جي سرپرستي وٺي سرگرميون شروع ڪيون ويون .هن تنظيم اٿندي ئي ”پاڪستان جو نظريو“ ۽ ان جو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو. هن تششد جي ڪارروئين جو آغاز ڪندي فاشسٽ مذهبي بنياد پرست روايتن کي آندو . خاص طور تي بنگلاديش جي آزادي جي سوال تي هن جماعت بنگالي عوام جي قتلِ عام تي الل اعلان ان رياستي آپريشن جي حمايت ڪئي جنهن ۾ بنگالي شاعرن، اديبن ۽ مفڪرن جو لهو وهايو ويو. اڄ اها تنظيم بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ اتي بليڪ لسٽ بڻيل آهي. کاٻي ڌر جي پانڌيئڙن ان تحريڪ جي حمايت ڪئي  نذير عباسي ۽ سندس ساٿي اديب ۽ سياسي ورڪرن جن ۾ ڄام ساقي کان ويندي احمد سليم بنگال جي سوال تي پنهنجو آواز بلند ڪندا رهيا.

جنرل ضياءُ جي مارشل کان پوءِ مذهبي۽ نيشلسٽ ڌرين کي اڃان وڌيڪ موقعو مليو جن جمهوريت پسندن خلاف زهر اوڳاڃو پاڪستان ٽيليويزن تان ان وقت  هلندڙ ”ظلم ڪي داستان“ ۾ ضياءُ جي عملن جي حمايت ڪئي. شهيد نذير عباسي جو قتل ڪري ۽ سندس سموري قيادت کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو. ملڪ جي تمام وڏن تعليمي ادارن ۾ ليفٽ سان تعلق رکندڙ تنظيمن کي ڪچلڻ لاءِ رياستي سرپرستي ڏني وئي. ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ سوشلسٽن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو. بارود ۽ هٿيارن کي پروموٽ ڪيو ويو .جڏهن اها مذهبي تنظيم رياست جي ڪم جي نه رهي ته رياست ساڳي تعليمي ادارن ۾ نسل پرست تنظيمن کي وري ان جي خلاف استعمال ڪيو.

ڪالهه نذير عباسي جي 38 هين ورسي هئي. ملڪ هڪ بنياد پرست ٽولي جي خوف ۾ ورتل آهي.هن وقت روشن خيال سياست باقي وڃي بچي آهي .بنياد پرستي جون روايتون هاڻي انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي چڪيون آهن. شاگرد سياست اهڙي ماحول ۾ فقط مذهبي ڌرين جي ڳيجهو هجي ته پوءِ سول سوسائيٽي پاران سبين محمود لاءِ ٿيل مظاهرا ته ڇا؟ عوام دوست ڌريون اهو تشدد برداشت ڪنديون، جيڪو ڪنهن به بنياد پرست خلاف هجي اهو چاهي طالبان نواز هجن يا پينٽ پاتل مولوي اهي ڪنهن به قيمت، جمهوريت پسند ۽ ترقي پسندن جي احتجاج کي قبول نه ڪندا.

اسان وٽ شعوري سياست پنهنجي پختي سوچ ڪنهن پاتال ۾ وڃائي ويٺي آهي يونيورسٽي جي شاگرد سياست شاگردن ۾ اهو شعور بيدارڪندي آهي جيڪو اڳ تي هلي عملي ميدان ۾ ڪم ايندو آهي.

هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته تعليمي ادارن ۾ شاگردن جا نمائندا ڪير آهن؟ ليفٽ نالي ڪابه ڌُر موجود نه آهي ته شعور انهن جو هوندو جن وٽ سياسي سگهه هوندي ۽ اها سگهه هن وقت ملڪ ۾ مذهبي ڌرين وٽ آهي. ڪجهه روشني جا ڪرڻا کاٻي ڌر جا اڃا به آهن جن جون نالي ماتر شاگرد تنظيمون ساهه کڻن پيون. اسان کي پنهنجي گهرن ۾ ڪارل مارڪس جي ڪتابن سان نفرت ڪرڻ بجاءِ پنهجي اولاد ۽ آئيندي کي ان فڪر سان ڳنڍڻو پوندو. ترقي پسند شعور جي شروعات هيٺين سطح کان ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن سياست اسان کي نذير عباسي جهڙا شاگرد ليڊر ڏنا اڄ ان سياست کي هڪ ڀيرو  ٻيهر جيارڻو آهي. ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊينٽ فيڊريشن هڪ دفعو وري عملي ميدان سوشلزم جو نعرو کڻي پهتي آهي اسان کي نئين شعور جي آجيان ڪرڻ گهرجي . اهو ئي نذير عباسي جو جو فڪر ۽ فلسفو آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ھندو برادريءَ جي ملڪيتن تي قبضا ۽ سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس.!! 

خادم رند پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري پاران شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے