22 پیر , اکتوبر 2018

شهيد بشير خان قريشي جي اڄ 59 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي

Dhabeji: Pumping station's line burst, Water supply stoppedڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي ارڏي پٽ ۽ سائين جي ايم سيد جي نظريي کي جهر جهنگ پهچائيندڙ کاهوڙي ڪردار شهيد بشير خان قريشي جي اڄ 59 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.شهيد بشير خان قريشي 10 آگسٽ 1959 ع ۾ رتي ديري جي موٽڻ پور پاڙي ۾غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾  جنم ورتو .شهيد بشير خان قريشي 1969  ۾ پرائمري اسڪول رتوديرو مان پنج درجا پاس ڪريِ  1974ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديري مان مئٽرڪ  ڪئي.شهيد بشير خان قريشي شڪارپور ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1978ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄا۾ رخ ڪيو جتان وڌيڪ علم پرايائين.بشير خان قريشي سياست جي شروعات شاگردي واري زماني کان ڪئي، 1978ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن  ۾ شموليت اختيار ڪيائين.شهيد بيشير خان قريشي ٿوري ئي عرصي ۾ سياست جو وڏو نان ءُ ليکجڻ لڳو،1980ع ۾ جساف ٽنڊو ڄام جو صدر چونڊيو ويو ۽ 1982ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر ۽  1986ع ۾ جساف سنڌ جو مرڪزي صدر مقرر ٿيو.1995ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو، ان وقت بشير خان جيل ۾هو تنهن هوندي به کيس ڊپٽي ڪنوينر چونڊيو ويو.1996 ۾ بشير خان کي  جيئي سنڌ قومي محاذ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. جڏهن ته 1998ع  جسقم جو مرڪزي  چيئرمين چونڊجي ويو .شهيد بشير خان قريشي جي سموري زندگي سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندي گذري، اهو ئي سبب آهي جو کيس ڪيترائي ڀيرا جيل جون سختيون پڻ ڀوڳڻيون پيون.هن ڪالاباغ ڊئم خلاف  سڄي سنڌ ۾ عظيم الشان لانگ مارچ جلسا ۽ جلوس منعقد ڪرايا،  نه رڳو ڪالاباغ ڊئم پر شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي وسيلن ڦر لٽ، ڌارين جي آبادڪاري سميت قبيلائي جهيڙن جي خاتمي سميت سمورين اهم مسئلن تي جدوجهد ڪئي.توڙي جو شهيد بشير خان قريشي هن وقت اسان وٽ موجود نه آهي پر پنهنجي سنڌ دوست ڪردار سبب هو سدائين سنڌ واسين جي دلين ۾ زندهه رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے