22 پیر , اکتوبر 2018

ڪينگروز فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ ۽ پيٽ ڪمنز پاڪستان خلاف سريز مان ٻاهر

Canogroz Fast Baller Josh Heels Wood and Pet Chambers Out of Syrup against Pakistanميلبورن(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جا فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ پاڪستان خلاف ٽيسٽ سريز مان ٻاهر. ٻئي رانديگر اڃان تائين انجري مان مڪمل طور ڇٽڪارو حاصل نه ڪري سهگيا آهن.قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال آڪٽبور ۾ آسٽريليا خلاف سريز جي گڏيل عرب امارتن ۾ ميزباني ڪندي پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ انگلينڊ خلاف پنج ون ڊي ميچن جي سريز ۾ به شرڪت نه ڪري سگهيا هئا جڏهن ته ٻنهي فاسٽ بالرن ڏکڻ آفريڪا جي دوري بعد ڪا به ميچ ناهي کيڏي. ياد رهي ته ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران بال ٽيمپرنگ وارو واقعو پيش آيو هو جنهن بعد ڪپتان اسٽيو سمٿ ۽ ڊيو وارنر تي هڪ، هڪ سال جي پابندي هنئي وئي هئي. ٻئي پاسي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ ٻيهر پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هو پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ پراميد آهي، اهو پڻ انگلينڊ جي دوري تي ٽيم جو حصو نه بڻجي سگهيو هو. ڪينگروز ٽيم جي فزيوٿراپسٽ ڊيوڊ بيڪلي جو چوڻ آهي ته پيٽ ۽ جوش جي چيلهه ۾ تڪليف ۾ بهتري اچي رهي آهي پر هو اڃان بالنگ هلائڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. جنهن سبب هو آڪٽوبر ۾ پاڪستان خلاف ٿيندڙ سريز ۾ ٽيم کي دستياب نه هوندا پر هن ان اميد ظاهر ڪندي چيو ته هو نومبر ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف آسٽريليا ۾ ٿيندڙ ون ڊي سريز تائين مڪمل فٽ ٿي ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احمد شهزاد منهنجو آئيڊيل ناهي رهيو: صاحبزادا فرحان

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي خلاف ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ اوپننگ بيٽسمين صاحبزادا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے